اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ به پي ٽي آءِ جي خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي خالي ٿيل سيٽن تي عمران پاڻ چونڊ وڙهي، اسان کي اليڪشن وڙهڻ جي ضرورت ناهي، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان شطرنج جي چال هلي آهي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي، هي 35 منظور ڪيون آهن ته باقي 70 استعفائون به منظور ڪري سگهون ٿا، شاهه محمود پاڻ چيو هو ته اسان استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن، هاڻ هي ٽئي عهدا به گهرن ٿا، خواجه آصف چيو ته اسان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيون، چونڊن جي تياري ڪريون پيا ان بابت پارلياماني بورڊ جوڙيو آهي ان جو سڀاڻي پرينهن اجلاس گهرايو آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ٻن ٽن مهينن لاءِ ڪير چونڊون وڙهندو، آئون سمجهان ٿو ته ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي.