شر ۽ ڏهر ۾ سرچاءَ لاءِ باري پتافي جي علي گوهر مهر سان ملاقات

0
25
شر ۽ ڏهر ۾ سرچاءَ لاءِ باري پتافي جي علي گوهر مهر سان ملاقات
شر ۽ ڏهر ۾ سرچاءَ لاءِ باري پتافي جي علي گوهر مهر سان ملاقات

خانپورمهر (ن پ ا) پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار شر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب عبدالباري پتافي علي گوهر مهر کي ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار شر سميت مختلف برادرين وچ ۾ هلندڙ تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، ذريعن موجب علي گوهر مهر باري پتافي کي ڌرين ۾ ٺاھ جي حوالي سان خاطري ڪرائي ۽ چيو ته هو ان حوالي سان ڀرپور ڪوششون وٺندو، رابطو ڪرڻ تي باري پتافي ٻڌايو ته ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار خان شر وچ ۾ ٺاھ جي لاءِ علي گوهر مهر وٽ ويس، جنهن سٺي موٽ ڏني آهي، ھن چيو ته مهتاب ڏهر تي جيئن حملو ٿيو هو ته آئون ٻئي ڏينهن تي مهتاب ڏهر وٽ ويو هيس ۽ بعد ۾ شهريار شر وٽ به ويو هيس، امن امان جي بحالي لاءِ ڌرين کي ٺاهڻ جو قدم کنيو آهي، ڪوشش آهي ته تمام جلد معاملا حل ٿي وڃن.