ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور پنهنجي ڊريسنگ سينس سبب ڄاتي سڃاتي ويندي آهي. شرڌا ڪپور جون ساڙيون هجن، شرارار، غرار يا ڪو به چوڙيدار پاجامو، انهن تي پهريل هر لباس ئي کيس ٺهندو آهي جنهن جو ثبوت اداڪار جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ايندڙ مداحن جا تبصرا آهن
هاڻي ويجهڙ ۾ ئي اداڪارا جون ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي اڳيان آيون آهن جيڪي سعودي عرب ۾ ٿيندڙ هڪ ايونٽ جون آهن
شرڌا سلڪ آرگينزا جي ڪاري رنگ جي ساڙي پهري ۽ گڏوگڏ ئي وارن جي هيئر اسٽائل طور تي پوني ٽيل جي چونڊ ڪئي. پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته جنهن ساڙي ۾ شرڌا خوبصورت نظر اچي رهي هئي ان جي قيمت ڪيتري هئي
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جتي اداڪارائون لکين ماليت جو لباس چونڊ ڪنديون آهن اتي شرڌا ڪپور جي هن ساڙي جي قيمت 62 هزار ڀارتي رپيا هئي