شرڌاڪپور انسٽاگرام تي انڊيا جي ٻي مقبول ترين شخصيت بڻجي وئي

0
66

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور وزيراعظم نريندر مودي کانپوءِ پريانڪا چوپڙا کي به مقبوليت ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو. استري 2 جي اداڪارا شرڌا ڪپور انسٽاگرام تي فالوئرز جي لحاظ سان ڀارت جي ٻي مقبول ترين شخصيت بڻجي وئي

ڀارتي ميڊيا موجب انسٽاگرام تي پريانڪا چوپڙا اڳ ۾ ڀارت جي ٻي مقبول ترين شخصيت هئي پر شرڌا ڪپور کيس پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. رپورٽ موجب شرڌا ڪپور جي فالوئرز جو انگ 91.9 ملين (9 ڪروڙ 19 لک) کان وڌي ويو آهي

جڏهن ته پريانڪا چوپڙا جا فالوئرز 91.8 ملين (9 ڪروڙ 18 لک) آهن. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جا انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ 270 ملين فالوئرز آهن ۽ هو پهرئين نمبر تي آهي

واضح رهي ته شرڌا ڪپور ان کان اڳ ڀارتي وزيراعظم نريدر مودي کي به مات ڏني هئي، جنهن جا انسٽاگرام تي 91.3 ملين فالوئرز آهن