اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا سان سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون جاري آهن، جيڪڏهن آمريڪا افغانستان مان هٿيار واپس وٺي ته خطي ۾ امن بحال ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان صحافين کي هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته تڪراري علائقي ۾ افغان فورسز طرفان چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ سبب طورخم بارڊر بند ڪيو ويو آهي، پاڪستان طورخم بارڊر تي ڇڪتاڻ جي مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستان افغان عبوري حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته معاملي کي سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته آمريڪا طرفان پاڪستانين ۽ افغانين تي سفري پابندين بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. آمريڪا سان اسان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خلاف تعاون جو هڪ جاري عمل آهي. ترجمان چيو ته دهشتگرد شريف الله جي گرفتاري ۽ حوالگي تي ڪو به فل اسٽاپ ناهي، دهشتگرد شريف الله جي گرفتاري ۽ حوالگي جهڙيون ڪارروايون ڪنهن هڪ واقعي سبب نه ٿيون آهن. دهشتگردن کي گڏيل قومن جي قراردادن تحت گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو ويو آهي. هن صدر ٽرمپ جي افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي فوجي سازوسامان واپس وٺڻ جي اعلان کي به ساراهيو. پرڏيهي وزير جي افغانستان جي دوري جي باقاعدي ڪا به تاريخ مقرر ناهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جو دورو ڪندو ۽ جده ۾ ٿيندڙ او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. او آءِ سي اجلاس ۾ فلسطينين جي حق خوداراديت تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان رمضان جي مقدس مهيني دوران غزه تي اسرائيل جي پابندين جي سخت مذمت ڪري ٿو. غزه جي عوام کي رمضان جي مهيني ۾ مسجدن ۾ نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ترجمان چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جو لنڊن ۾ والاريل ڪشمير بابت بيان رد ڪري ٿو، ڪشميرين جا صدين پراڻا خدشا معاشي بحالي سان حل نٿا ٿي سگهن. اسان والاريل ڪشمير ۾ ٻين ملڪن جي رهواسين کي آباد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. يوڪرين بابت اسان جي پاليسي واضح آهي جتي امن چاهيون ٿا، روس ۽ يوڪرين ٻنهي سان اسان جا مثبت لاڳاپا آهن.