ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ناقص ۽ غير محفوظ ڪمرشل گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪرڻ ۽ گرين ۽ اورنج لائين جي گاڏين کي ڪتب آڻيندي ايندڙ ھفتي نئون روٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي عورتن لاءِ پنڪ اي وي اسڪوٽي اسڪيم جلد شروع ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. پنڪ اسڪوٽي لاءِ درخواست گذار ملازمت پيشه عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڊرائيونگ لائسنس هجڻ لازمي قرار ڏنو ويو آھي. ان حوالي سان ڪالهه سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اھم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪمرشل گاڏين جي معائني لاءِ نيشنل ھاءِ وي ۽ سپر ھاءِ وي تي ايم وي آءِ سينٽر قائم ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪمرشل گاڏين جي معائني لاءِ 10 ايم وي آءِ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، نيشنل ھاءِ وي ۽ سپر ھاءِ وي تي ايم وي آءِ سينٽرز قائم ٿيڻ سان گاڏين جي ڪراچي شھر ۾ داخلا کان اڳ ئي فٽنيس يقيني ٿي ويندي. هن چيو ته جون مهيني ۾ 34 نيون اي وي بسون ۽ 5 ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي پھچي وينديون، جڏھن تھ وڌيڪ 100 بسون به جون ۾ ئي ڪراچي اينديون.