ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ دوران ڪراچي ۾ پيپلز بس جي وقت ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ا ن ڏس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته 15 رمضان کان پيپلز بس رات هڪ وڳي تائين هلندي، هن چيو ته آر ون، آر2 ، آر 3، آر 4، آر 9، آر 10، ۽ اي وي ون روٽن جي شهرين کي رات دير تائين سفري سهولتون فراهم ٿينديون، هن چيو ته حڪومت رمضان دوران عوام جي مشڪلاتن کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿي، ڪراچيءَ جا ڪيترائي شهري پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙي رهيا آهن، بسن جي وقتن ۾ واڌ جو مقصد انهن جي سفري مسئلن کي گهٽائڻ آهي، خاص طور تي افطار ۽ رات جو خريداريءَ کانپوءِ محفوظ نموني گهر پهچڻ لاءِ بهتر سفري سهولت فراهم ڪئي ويندي