ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائين بي آر ٽي رٿا جي ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ ريڊ لائين رٿا جي هلندڙ ڪم ۽ منصوبي ۾ درپيش مسئلن تي تفصيلي گفتگو پڻ ڪئي وئي، لاڳاپيل اختيارين ٻڌايو ته ڪي 4 واٽر پراجيڪٽ جي آگمينٽيشن ۽ ڪيترين ئي ڪمپنين پاران يوٽيلٽيز جي منتقلي وارا مسئلا آھن. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته رٿا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ  سمورا اسٽيڪ ھولڊرز ڪم ۾ ٻيڻي تيزي آڻين ھن چيو ته يوٽيلٽيز جي منتقلي سميت ٻين اشوز جي حل لاءِ قدم کنيا ويا آھن، اجلاس ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي نمائندن مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي.