ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت جو وڏو حصو واپارين ۽ صنعتڪارن جو آهي، اهي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندا آهن، صنعتن ڪري لکين ماڻهن کي روزگار ملي ٿو، واپارين کي سڀني کان وڌيڪ سھولتون ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪالهه ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز ( ڪاٽي ) پاران ڏنل مانجھاندي جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌحڪومت واپارين کي کليل آڇ ڪئي آهي ته اُھي صنعتي زون قائم ڪن ته جيئن ملڪي معيشت کي سهارو ملي ۽ روز گار جا نوان موقعا پيدا ٿين. آئون صدر آصف زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير مرادشاهه کي واپارين جي مسئلن بابت آگاهي ڏيندس، ھن چيو ته سي پيڪ سان لاڳاپيل ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون واپارين لاءِ سونهري موقعو آهي، اتي ڪا به امپورٽ ڊيوٽي ناهي، 10 سالن جي ٽيڪس ڇوٽ آهي، هن چيو ته ملير ايڪسپريس وي جو افتتاح ٻن ڏينهن اندر ٿيڻ وارو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو افتتاح ڪندو، هن چيو ته ييلو لائين بورڊ جي اجلاس ۾ ڪاٽي جي نمائندي کي خاص دعوت ڏني ويندي. اسان جي ڪوشش آھي ته ڄام صادق پل جو ڪم 8 مهينن اندر مڪمل ٿي وڃي، هن چيو ته سنڌ سرڪار جلد اي وي ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ وڃي رھي آھي. اسان ڪراچي شهر لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون آڻي رهيا آهيون، اسان ڪوشش ڪنداسين ته شاهراه فيصل تي ڊبل ڊيڪر بسون هلي سگهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت جو 190 ارب رپين جو سيس سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهي، اسان مختلف قانوني ماهرن کي آن بورڊ ورتو آهي ته جيئن سنڌ حڪومت کي جلد کان جلد اهي پئسا ملي سگهن، اهي پئسا انفراسٽرڪچر تي خرچ ڪبا.