ڪيليفورنيا (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ ريسٽورنٽ کائڻ دوران پنهنجي ٻارن کي نه سنڀاليندڙ والدين کان اضافي پيسا وصول ڪندو آهي، ٽوڪووا ريور سائيڊ پنهنجي مينو جي هيٺين حصي ۾ پنهنجي گراهڪن کي اضافي چارج جي باري ۾ آگاهه ڪندو آهي. مينو ۾ لکيل هوندو آهي ته پنهنجي شرارتي ٻارن کي سنڀاليو نه ته نتيجن جا ذميدار پاڻ هوندا.