ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ريپر ۽ سنگر يويو هني سنگهه شراب ڇڏي ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب لکنئو ۾ هڪ ڪانسرٽ دوران يويو هني سنگهه اعتراف ڪيو ته اهو ڪجهه سال اڳ صحت جي حوالي سان اونداهن ڏينهن کي منهن ڏئي چڪو آهي، جن سندس پيشيوراڻي زندگي کي به متاثر ڪيو، ڳالهين دوران هني سنگهه پنهنجي موجوده لائف اسٽائل تي ڳالهايو ۽ گڏوگڏ تنقيد ڪندڙن کي به تکو جواب ڏنو، ڀارتي گلوڪار اعتراف ڪيو ته عياشي ته دل کولي ڪئي، شراب به دل کولي پيتو پر منهنجا دوست، ڀيڻون ۽ ڀائرو، مون شراب ڇڏي ڏنو آهي، اوهان به نشو ڇڏيو، اڄ ڪلهه مان رڳو پاڻي پي رهيو آهيان، ٻئي طرف يويو هني سنگهه يوٽيوب پوڊ ڪاسٽس تي پنهنجي خلاف ڳالهائيندڙن بابت چيو اڄ ڪلهه ڪيترائي ماڻهو يوٽيوب تي پوڊ ڪاسٽ ڪندا آهن، منهنجي باري ۾ ابتو سبتو ڳالهائيندا آهن، انهن کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان هتي تڏهن کان آهيون، جڏهن يوٽيوب به نه هو، اهي وار ايئن ئي ٿورئي اڇا ٿيا آهن.