شبير بجاراڻي جي ترجمان فوج ڏاهاڻي جي حملي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر

0
275
شبير علي بجاراڻي جي ترجمان فوج ڏاهاڻي جي پوليس چوڪي تي حملي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر
شبير علي بجاراڻي جي ترجمان فوج ڏاهاڻي جي پوليس چوڪي تي حملي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر

ڪنڌڪوٽ پوليس اڳوڻي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي جي ترجمان فوج ڏاهاڻي جي پوليس چوڪي تي حملي واري ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

فوج علي ڏاهاڻي سميت 10 جوابدارن خلاف اوڳاهي لاڙو مائي مسجد چوڪي تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن ۾ ٻيلو بنگلاڻي، اشرف بنگلاڻي، ممتاز باجڪاڻي، الاهي بخش عرف ڇوٽو ۽ ٻيا شامل آهن

بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد فوج ڏاهاڻي کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو

ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن گڏيل ڪارروائي دوران فوج ڏاهاڻي کي حراست ۾ ورتو هو

هي به پڙهندا

مغوي مقابلن ۾ نه پر ڀنگ ڀري آزاد پيا ٿين: شبير بجاراڻي