ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري اداڪاره شبيران چنا جي حالت نه سڌري، ڦڦڙن ۾ رت ڄمڻ ڪري ساهه ۾ ڏکيائي، گردن جي ڪمزوري سبب ڊائلاسز جي تجويز، ان ڏس ۾ عيد جي ٻئي ڏهاڙي قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿيل نامياري اداڪاره شبيران چنا جي طبيعت ۾ بهتري ناهي آئي، هن وقت هو وينٽيليٽر تي علاج هيٺ آهي، ان حوالي سان ڊائو اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته شبيران چنا کي روڊ حادثي دوران پاسراٽين ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري سندس ڦڦڙن ۾ رت ڄمي ويو آهي، جنهن ڪري کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، انهي کانسواءِ سندس گردا پڻ سخت متاثر ٿيل آهن، جنهن سبب سندس ڊائلاسز ڪرائي ويندي، کيس وڌيڪ ڪجهه ڏينهن لاءِ وينٽيليٽر تي ئي رکيو ويندو،. ٻئي طرف شبيران چنا جي ڌيءَ عاليا چنا ٻڌايو ته سندس والده جي طبيعت بهتر آهي، ڪالهه ڊاڪٽرن کيس ٿوري دير وينٽيليٽر تان هٽائي هٿ پير هلائڻ جو چيو هو، ڊاڪٽرن بعد ۾ کيس ٻيهر وينٽيليٽر تي رکيو آهي، رب تعاليٰ مان بهتري جي اميد آهي،
ڪراچي: شبيران چنا ڊائو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جتي سندس علاج تي روزانو هڪ لک رپيا خرچ ٿين ٿا، سنڌ ثقافت کاتي پاران 2 قسطن ۾ رڳو پنج لک جاري ڪيا آهن