ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي بيٽسمين شبمن گل ۽ ماڊل سارا ٽنڊولڪر انسٽاگرام تي هڪ ٻئي کي ان فالو ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب، سارا ٽنڊولڪر ڀارتي ڪرڪيٽ ليجنڊ سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ آهي. گردش ڪندڙ افواهن موجب، سارا ٽنڊولڪر ۽ ڪرڪيٽر شبمن گل هڪ ٻئي کي ڊگهي عرصي کان ڊيٽ ڪري رهيا هئا، پر هاڻي ٻنهي هڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي ‘ان فالو’ ڪري ڇڏيو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته شبمن گل يا سارا ٽنڊولڪر ڪڏهن به پنهنجي رشتي جي تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي. هاڻي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته شبمن گل اداڪاره اونيت ڪور سان ڊيٽنگ ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته 2021 ۾ سارا ماڊلنگ جي دنيا ۾ داخل ٿي ۽ هڪ مقامي برانڊ جي اشتهاري مهم جو حصو هئي، جڏهن ته، سارا جي شهرت جو سبب سندس پيءُ سچن ٽنڊولڪر آهي.