لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي دوري جي شروعات کان ڪجهه ڏينهن اڳ، هندستاني ٽيم جي نئين چونڊيل ڪپتان شبمن گل جي بيٽ اسٽيڪر تي هڪ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. هندستان جي نئين ٽيسٽ ڪپتان شبمن گل انگلينڊ جي دوري کان اڳ پنهنجي بيٽ تي “پرنس” اسٽيڪر لڳائي سوشل ميڊيا تي هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي، جنهن تي هندستاني مداحن پنهنجي ئي ڪپتان تي سخت تنقيد ڪئي آهي. تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مشهور ڪمپني جي ٺاهيل بيٽ تي “پرنس” لکيل آهي، ڪرڪيٽر جا مداح کيس ساڳئي نالي سان سڏين ٿا.سچن ٽنڊولڪر ۽ ويرات ڪوهلي جهڙن عظيم هندستاني ڪرڪيٽرن جي بيٽ تي صرف “جينيئس” لکيل هوندو هو، جڏهن ته انهن کي انهن جي ناقابل فراموش اننگز جي ڪري دنيا ۾ خدا ۽ بادشاهه جي لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي. هندستانين پنهنجي ڪپتان تي تنقيد ڪندي چيو ته شبمن گل خود غرضي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ هن وٽ ڪا به ڪاميابي ناهي جيڪا هن کي شهزادي جو لقب ڏئي سگهي.