اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت مراد سعيد، عمر ايوب ۽ علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ جي 10 اڳواڻن جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جوڊيشل ڪمپليڪس حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ عدالت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، عدالت طلب ڪرڻ جي باوجود لاڳيتو غير حاضري تي دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ٻين جوابدارن ۾ شبلي فراز، فرخ حبيب، حماد اظهر، علي نواز اعواڻ، حسان خان نيازي، عمر سلطان ۽ ڪرنل محمد عاصم به شامل آهن. عدالت حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي جوابدار جتي نظر اچن انهن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.