اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ قيادت تي 26 نومبر احتجاج تي داخل ڪيسن ۾ شبلي فراز، شوزب ڪنول جي ضمانت ۾ پنج مئي تائين اضافو ڪيو ويو، مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب 8 ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت عمر ايوب جي 8 ڪيسن ۾ 29 اپريل تائين عدالت عبوري ضمانت پنج پنج هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته هاڻي چار پنج مهينا بعد ياد آيا ته ضمانت ڪرائڻي آهي. عدالت عمر ايوب کي هدايت ڪئي ته ايندڙ تاريخ تي جاچ ۾ شامل ٿي وڃو. پوليس وٽ وڃي جاچ ۾ شامل نٿا ڪن ته عدالت کي آگاهه ڪريو. هوڏانهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽِي آءِ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا جي پنج آڪٽوبر احتجاج ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 21 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.