خيرپور(رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور جي ليڊي هيلٿ سپروائيزر شبانه بڙدي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نديم اشرف جوکيو تي الزام مڙهيو آهي ته نديم اشرف جوکيو جنسي درندو آهي، جيڪو کيس عبدالستار ميتلو معرفت دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪري رهيو آهي، پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ ھن چيو ته مون سان گڏ ليڊي هيلٿ ورڪرز ان ڳالهه جون شاهد آهن ته نديم اشرف جوکيو مون کي ڪيتري قدر تنگ ڪيو آهي ۽ ذهني طور پريشان ڪيو آهي، ھن چيو ته مون جڏهن سندس شڪايت بالا آفيسرن کي ڪئي ته هن مون کي ڪمري ۾ ٻن ڪلاڪن تائين بند ڪرائي ڇڏيو ۽ مون خلاف ڪوڙي رپورٽ ٺاهي مٿي موڪلي، ھن چيو ته نديم اشرف جوکيو پاڻ دوستي رکڻ يا ٻين ليڊي هيلٿ ورڪرز سان دوستي رکرائڻ لاءِ مون مٿان زور ڀريندو رهيو آهي، انڪار ڪرڻ تي مون خلاف ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، ھن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نديم اشرف جوکيو جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو ڪڏهن به ميري اک سان ناهي ڏٺو: ليڊي هيلٿ ورڪرز
خيرپور: ليڊي هيلٿ ورڪرس جي ڊسٽرڪٽ انچارج ڊاڪٽر شاندانه سروهي، اي ڊي ايچ او ڊاڪٽر نائلا عباسي، ليڊي هيلٿ ورڪرز ناز بانو، روشن تارا، سميرا، شهناز، فريدهه ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان سڀ عورتون آهيون، اسان ڊي ايچ او جي ٽيم جون ورڪرس آهيون پر ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو اسان کي ڪڏهن به ميري اک سان ناهي ڏٺو، شبانه بڙدي ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو ۽ عبدالستار ميتلو مٿان ڪوڙا الزام لڳائي اداري کي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرس کي بدنام ڪري رهي آهي، هنن ٻڌايو ته شبانه بڙدي سپروائيزري چارج تان هٽائڻ تي ڏمرجي پئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو يا عبدالستار ميتلو پاران شبانه بڙدي يا ڪنهن به ليڊي هيلٿ ورڪر کي هراسان ڪيو ويو آهي ته ان جا ثبوت منظر عام تي آندا وڃن، ٻي صورت ۾ بي بنياد الزام لڳائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
شبانه سپروائيزري تان هٽائڻ سبب ڪوڙا الزام پئي هڻي: ڊي ايچ او
خيرپور: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر خيرپور ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو ليڊي هيلٿ ورڪر شبانه بڙدي طرفان مٿس لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪر شبانه بڙدي طرفان مون مٿان هراسان ڪرڻ جا لڳايل الزام بي بنياد آهن، ھن ٻڌايو ته شبانه بڙدي يوسي شاهه لطيف ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر آهي، جنهن کي سياسي سفارش تحت سپروائيزري جي چارج ڏنل هئي، پر شبانه بڙدي نوڪري کان غير حاضر رهي پئي، ليڊي هيلٿ ورڪرس کي بنا جواز تنگ ڪري پئي، جنهن ڪري شبانه بڙدي جي ناقص ڪارڪردگي بابت سيڪريٽري هيلٿ کي آگاهه ڪرڻ بعد شبانه بڙدي کان سپروائيزريءَ جي چارج واپس ورتي آهي، جنهن تان ناراض ٿي شبانه بڙدي مون مٿان بي بنياد الزام پئي لڳائي.