شاھ جي گنج مان … کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون

0
53
شاھ جي گنج مان ... کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون

سسئي کي سڏ ٿيو ،اسان اولاڻو،

پنڌُ نہ پِڃاڻو، اڻ ڪوٺِي ڪانہ ڪري.

سسئي کي (سڪ) ڀريو سڏ ٿيو. جيڪو عام لاءِ ڳاراڻي جو سبب ٿئي. پر اھڙو پنڌ جنھن جي (پڄاڻي، نبيرو) نہ ٿئي، جيڪو سڀڪنھن جي وس جي ڳالھ ڪونھي، اھو سفر بنا نِينڍَ جي ڪير ٿو ڪري؟ جيئن سسئي ڪيو !

                 اھو پنڌ سوئي ڪندو جنھن کي سڪ جو سڏو ٿيندو ٻي معنا ۾ موت جو سڏ، فڪري وِکَ، جنھن خيال سان لاڳاپو ھجي، تنھن پويان نڪري پوڻ، اُن گهُر خاطر سڀ خيال ترڪ ڪري ھڪ خيالو ٿي انت تائين وڃڻ، اھڙي ئي طلب سسئي ڪئي جنھن جو مقصد پنھونءَ جي حاصلات ھو، جيڪو عام ڪونہ ٿو ڪري سگهي، بلڪہ عام تہ محبت جي سفر کي ڳارڻي مثل سمجهي ٿو، آسائش طلب، بنا ڪنھن تڪليفن جي حاصلات، جڏھن تہ اھو اوکو پنڌ جنھن جي پڄاڻي ٿيڻي ئي ڪونہ، اھڙيون تڪليفون پنھنجي سر سيئي ڪندا جن جا مقصد سڪ سان ٽمٽار ھوندا.

                 ٻيو رخ آھي موت، جنھن سفر ۾ ھر طرف خوف ۽ خطرو ھجي ھر قدم موت جي مُنھن طرف کڄندڙ ٿئي جيڪو بخوبي سسئي کنيو، پر جنھن کان عام خلق خوف ۾ پئجي وڃي ۽ نابري واري موٽ کائي تنھن پنڌ ۾ سوئي گهڙندو، جيڪو سسئي جيان عشق جي راھ اختيار ڪندو. لطيف چواڻي تہ پنھنجي جياپي کي مقصد ڏيئي جيئو ۽ ان جي حاصلات ۾ ايندڙ سڀئي خوف ۽ تڪليفون تان جي موت بہ ڇونہ اچي وڃي سو بہ پرين جي پسڻ اڳيان حقير بڻجيو وڃي.

پسو پَراوَن، سُورَنِ آڏِي سسئي،

پُڻايا پَنھنجَنِ، وِجهن ويچاريءَ تي،

ڏسو تہ! سسئي ٻين جي خطائن جي ڍال ڪيئن بڻجي وئي، جڏھن تہ عيبدار (بلوچ) پاڻ ھئا پر قصور وار سسئي کي ڪيائون.

سسئي جي داستان ۾ لطيف جيڪو ھر وقت سسئي کي ننڌيندي ملي ٿو، خطاوار يا غافل سڏي ٿو، ڪميڻي يا ڪمتر چوي ٿو. اصل ۾ اھڃاڻي طور ديس واسين جي ڪوتاھين ۽ ڪميُن کي بيان ڪري ٿو، آسائشن ۾ پيل انھن فردن کي ننڌي ٿو جن جي بي ڌياني سبب خوشحال وطن کي تاراج ٿيندي ڏسي ٿو، جيڪي حالتون لطيف جي دؤر ۾ کيس مشاھدي ۾ آيون، تيئن مٿين بيت ۾ سڌي قصي سان لاڳاپيل خيالن جي عڪاسي ڪري ٿو. جهڙوڪ ننڊ اچي وڃڻ سبب سسئي کي ڏوھي قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪا غفلت جي دائري ۾ اچي ٿي، پر ڇا سسئي يا ڪنھن عام ماڻھون کي ننڊ تي غلبو ٿي سگهي ٿو ڇا؟ يا اھڙي گهرج ھڪ انساني گهرج ناھي ڇا؟ يا ايئن بہ ڪونھي ڇا جي سسئي کي کاڌي ۾ خمار ڏيندڙ شيون نہ واپرايون ويون ھيون؟ جڏھن تہ اھڙي کوٽ، يا بغض تہ آري ڄام جي رٿا طور کڻي آيل ھئا، جن ڄاڻي واڻي دوکو ڪيو پر عام طور تي قصور وار ويچاري سسئيءَ کي بڻايائون، جنھن کي صدين پٺيان اڄ بہ اھڃاڻي معنائن يا سڌي سنئين نموني ڏوھي ڪيو وڃي ٿو. ايئن ئي ھن ديس جي آسودگي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم کي ڪافر ڪوٺي مذھبن جي آڙ ۾ صدين تائين لٽ ڦر جو جواز ڄاڻايو ويو.

اھڙي ئي نموني اڄ تائين ڪڏھن بہ ڪنھن حملي ڪندڙن اھڙو اعتراف ناھي ڪيو تہ اسان جو قصور ھو، جو اوھان جي مال معيشت ڦرڻ بھاني قتل و غارتگري ڪئي سون، تيئن ئي لطيف سسئي کي ھن بيت ۾ بيڏوھي چوي ٿو ۽ ڪاھ ڪري ايندڙ کي ڏوھي چوي ٿو، جڏھن تہ تقريبن سڀني شارحن گنج جي لکت جيان لفظ پُرايا يا پُراڀا ڪم آندو آھي، جڏھن تہ بيت جي نسبتن لفظ “پُڻايا” بيھندو، جنھن کي پاڻ مٿي ڪم آندو آھي.

ھَلندي ھوتَ پُنھونءَ ڏي، کُھجَنِ ڪي کوٽِيُون

پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِيو، جي لالَڻَ لَئي لوٺِيُون

سَڀِ سُھيليُون سِڪ کي چُنجهيُون ۽ چُوٺِيُون

ٻانڀَڻَ ٿِيءُ ٻوٽِيُون، تہ ڪُتا کِينِئِي ڪيچَ جا.

پنھونءَ ڏانھن پنڌ ڪندي جيڪي نيت جون کوٽيون ھونديون اُھي ئي ٿڪجي بيھي سگهجن ٿيون، پر جيڪي محبوب جي فراق ۾ ويڳاڻيون ھجن ٿيون تن لاءِ پھاڙ بہ سنوان سڌا ميدان بڻجيو پون ٿا. باقي عام رواجي ماڻھون  محبت، سڪ کي گهٽ نظر ۽ بخيلن جيان ڏسن ٿا، تيئن اي سسئي تون (پنھنجي مقصد ۾) انت ڪري ڏيکار ڀلي جي تون ذرا پرزا (ٻوٽيون ٻوٽيون) ٿي وڃي ۽ ڪيچ جا ڪتا تنھنجو ماس بہ پٽي ڇونہ کائي ڇڏين.

پرينءَ تان قربان ٿي وڃ، مقصد تان فدا ٿي پئو. عام رواجي نہ بلڪہ خاص بڻجي وڃ، جياپي جو مقصد بڻي پئو. مقصد سان جياپو رکندڙ لاءِ پيغام نه ڪي عام رواجي عامَ سان، ھونءَ بہ لطيف اڪثر مخاطب ان سان ٿئي ٿو، جيڪي مقصد رکي جيئڻ گهرن ٿا ۽ حاصلات کي عين سبب ڄاڻن ٿا، تيئن لطيف چوي ٿو تہ مقصد واري منزل جيءَ جي قرباني ڏيڻ سان مشروط ٿئي ٿي، تنھن ڪري پنھنجو ھجڻ مقصد کي ارپڻ ڪر يعني پنھنجون سوچون ۽ لوچون سڀ ھڪ خيال ۾ سموئي ھلڻ ڪر تہ منزل تو اڳيان نروار ٿي بيھندي.

ڪُتا کِيَنَئي ڪيچَ جا، سَندا جي پُنھونءَ،

اَگهين ھوندَ اَسُونءَ، جي جانارَنِ ياد پَئين.

پنھونءَ جا ڪتا (غلام، پھريدار) توڻي جي تنھنجو ماس بہ پٽي کائي ڇڏين، پوءِ بہ سمجهُہ تہ تُون پرين وٽ اگهامي وئينءَ. ھر حال ۾ مقصد سان چھٽي وتُ، ڀلي جي پنھونءَ لاءِ آيل پھريدار، چوڪيدار ،ڪتن جيان تنھنجو ماس رھڙي پٽي کائي بہ ڇونہ ڇڏين ۽ جي تون اھڙي واردات ۾ فنا ٿي وڃين، سمجهي ڇڏ تہ تون پرينءَ وٽ قدر پرايو، اگهامجي وئينءَ، مان مرتبو حاصل ڪيوءِ.

مقصد سان ۽ ان جي بڻايل اصولن سان جياپو ڪرڻ ايترو ئي اھنجو ۽ تڪليف ده ٿئي ٿو، جيئن جسم تان ڪتا ماس پٽي کائيندڙ ھجن، وقت ۽ حالتون ھميشا ئي اصولي، سچي ۽ کري زندگي جي رڪاوٽ بڻجي وڃن ٿيون، ڀلي جو اھو وقت لطيف جي دؤر جو ھجي يا ھلندڙ وقت جو پر تڪليف ده ٿئي ٿو، تيئن لطيف ان تڪليف ده حالتن کي قبول ڪري اصولن جو پانڌيئڙو بڻائي ھلڻ گهري ٿو.