شاھ جي گنج مان … راسِيُنِ ڏيئي رَنگُ

0
30
اسان جي لطيف وٽ جياپي جا دڳَ عام زندگيءَ جيان ناھن، پر ھڪ مضبوط ارادي واري اٽل زندگيءَ جا گس آھن، جنھن تي ھلڻ سان جياپي کان علاوه

اسان جي لطيف وٽ جياپي جا دڳَ عام زندگيءَ جيان ناھن، پر ھڪ مضبوط ارادي واري اٽل زندگيءَ جا گس آھن، جنھن تي ھلڻ سان جياپي کان علاوه عميق ۽ ڪھڪشائن جي رازن جو مشاھدو به ماڻي سگهجي ٿو، جيئن ھلندڙ وقت ۾ سائنس سان لاڳاپيل خوشحال زندگيءَ جا لقاءَ نظرجن ٿا، ان کان به ڪيئي ڀيرا مٿاھان مشاھدا ماڻي سگهجن ٿا، جيئن ته زندگي لاھن چاڙھن جو مرڪز آھي ۽ اصل ۾ حقيقي خوبصورت حيات جو تصور به تحرُڪ (چرپر) ۾ موجود ھجي ٿو، جيئن خوشين کي حاصل ڪرڻ واري اوني ۾ انسان ڏينھن رات ھڪ ڪري ڏي ٿو، تيئن پاڻ سان لاڳاپيل تڪليفن کي ان نظر سان ڏسڻ پسند نٿو ڪري، جڏھن ته تڪليفن جي پُٺي ۾ خوشين جا آثار سمايل ھجن ٿا، جيڪو بخوبي سڀڪو ڄاڻي ٿو پر ان جي باوجود به انسان ھمٿ ھاري ويھي ٿو، تيئن لطيف اسان کي پيڙائن مان سگهارو بڻجي پوڻ وارا خيال سمجهائي ٿو، جيڪي به ھر زندگيءَ سان وابسطا ھجڻ ٿا.

                 اھڙي روش کي لطيف ھڪ ته حياتيءَ جو حصو ڄاڻائي ٿو، جنھن کي پسند ناپسند بنا قبول ڪرڻو پوي ٿو، تيئن بجاءِ انھن کان خفا ٿيڻ جي وقتائتن قدمن سان احسن نموني سرانجام ڏيڻ جا به سبق سونپي ٿو، اھو انڪري به، جي اھڙا مامرا زندگيءَ ۾ اوھان يا اوھان جي اوسي پاسي ڪھڙي وقت، ڪنھن سان به پيش اچي سگهن ٿا، تيئن اھڙي وقت کان گهٻرائڻ نه گُهرجي پر انھن کي وقتائتي قدمن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، جتان جياپي کي آسان بڻائي سگهجي، تيئن ھن ئي سسئيءَ جي سر ۾ چيو اٿائون ته:

“ سُکِين ٿيءُ مَ سَنرِي، پَسي ڏُکَ مَ ڏَرُ”

ٻنھي حالتن ۾ توازن پيدا ڪيو ۽ جياپي جي ضرورتن کي اولين اھميت ڏيو ۽ جستجو تاحيات رکو، ڇو ته جستجو زندگيءَ جو ٻيو نانءُ آھي.

اُلَھِي سِجَ اويرَ، مَ ڪرِ معذورِڻِ تي،

پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچنِ جا.

اي سج، تون تڪڙو لھي، مون اڻواقف لاءِ (اونداھي)  ڪري ڇڏيئي، ھاڻي مان جبلن ۾ ٻاروچي محبوب جا پير ڪيئن ووڙيان.مطلب ته اي سج منھنجي ڳولها رڳو توسان ئي منسوب ڪونهي، بس رڳو فرق اھو آھي ته، تنھنجي روشنيءَ ذريعي مونکي سولائي ملي پئي ۽ دڳ جي چٽائي پئي نظرجي پر جي تون لھي ٿو وڃين ته منھنجي ڳولها ختم ڪونه ٿي ٿئي پر اونداھيءَ سبب دشواري ضرور ٿئي ٿي، ٻيو ته سج علامت آھي سچ ۽ امن جي ۽ سج لھڻ مان مراد ٿيندي انڌيرو يعني ظلم يا انڌير يا ناانصافي، جيئن امن ۾ حاصلات سولي ٿيو وڃي ۽ بدنظمي ۾ اوکي بڻجيو وڃي، تيئن لطيف جي سسئي ٻنھي صورتن ۾ پنھنجي مقصد جي حاصلات ۾ جستجوئي عمل کي ترجيح ڏيندي موت اچڻ تائين اھڙي کوج چاھي ٿي، جيڪو پڻ اسان لاءِ جياپي جو بھترين گس آھي.

وَيو سِجُ وَڻَنِ تان، راسِيُون رَتائِين،

مُونکي ماريائِين، اَدِيُون اُونداھِي ڪري.

سج وڻن جي چوٽين مٿان لھي ويو، جي وڻن جون چوٽيون ڳاڙھاڻ سان رنگجي ويون، ۽ اي سرتيون اونداھي ڪري مونکي پيڙائن ۾ وجهي ويو.

لطيف جي انتھائي بھترين خوبي اھا آھي جو مقصد سان لاڳاپيل، ڪشالا ڪاٽيندڙ يا پڙھندڙ کي ڪٿي به مايوس ڪونه ٿو ڪري، مطلب ته ھمٿائڻ سان گڏ گڏ ڏُکن ۾ به رومانوي خيال ڀري ٿو، يعني ڏُکن مان سگهارو بڻائي ڄڻ منزل ماڻڻ لاءِ پُٺي ٽَپي روانو ڪري ٿو، جتي اڳيان ڀلي موت  به ڇونه ھجي، ان کي به رقص جي روپ ۾ آجيان ڪري ڏيو:

وَيو سِجُ وَڻَنِ تان، راسِنِ ڏيئِي رَنگُ،

مُون جَنھِين سين سنگُ، سو ڪوھيارو ڪيچِ ويو.

سج جي آخري ڪرڻن به وڻن جي چوٽين کي رڱي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو، ۽ جنھن پرينءَ سان منھنجو ناتو يا لاڳاپو آھي، سو سپرين به ڪيچ ھليو ويو.

  اڻ تڻ اھا ته بيٺي سِجِ پيريُن سان ميڙو نه ٿي سگهيو ۽ مونکي رستي اونداھ ٿي وئي، ڳولھا جو چٽو نمونو پنھنجي اختتام تي پھتو، اڻ واقف ھجڻ جي ناطي ڪيئن منزل جو تعين ڪجي، وچان وِٿي پئجي وئي ۽ پرينءَ جو قافلو پنھنجي منزل تي پھچي ويو ھوندو، ان جي باوجود به سسئيءَ جي ڪيفيت ۾ تبديلي ناھي. ساڳئي ئي ارادي سان جياپي جي ويڙھ وڙھي ٿي. تيئن پنھنجي ارادن ۾ مضبوطي اھڙي ھجي جو اڳيان ڪيتريون به دشواريون ڇونه اچن پر ھر حال ۾ قدم اڳتي ھجڻ گهرجي.

ويٺي مُون وِيو، لَڙي سِجُ لَڪَنِ تان،

آئُون ڏوريندِي ڪيترو، پھڻَنِ پيرُ پيو،

سُورَنِ ساڻُ سِھو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.

منھنجي سامھون ڏسندي ڏسندي سج جبلن جي چوٽين تان غائب ٿي ويو، جڏھن ته منھنجي پرينءَ جو پير پھڻن ۾ اچي پيو آھي، جيڪو اڃان مونکي گهڻو ڳولھڻو آھي، اي جيڏيون! ھاڻي منھنجو تڪليفن، پيڙائن سان واسطو پيو آھي.

مطلب ته مٿي ذڪر ڪيل زندگي ڏُکن سُکن جو مجموعو بيان ڪيل آھي، تيئن ھن بيت ۾ جيڪڏھن سورن تڪليفن سان واسطو اچي پوي ته کين قبول ڪرڻ گهرجي، انھن مٿان روڄ راڙو ھرگز ڪِين ڪجي.