شاھ جي گنجَ مان … توڻي وِلاڙون ڪَرِين

0
49
شاھ جي گنجَ مان ... توڻي وِلاڙون ڪَرِين

جڏھن سڀ ڪوششون ،حيلا وسيلا ناڪام ٿي وڃن، ۽ جڏھن سڀ حجتون بيڪار بڻجي وڃن، تہ سواءِ نراسائي جي ٻيو ڪجهہ ڪين ٿو بچي، ۽ انسان عجيب ڪيفيتن جي دلدل ۾ ڦاسي پوي ٿو، جتان انتھائي تڪليف ده خيال ۽ سوچون اڀري پون ٿيون ، جڏھن انسان پنھنجي ھرپاسي اونداھ ڏسي ٿو تہ پوءِ ڪو نہ ڪو انتھائي قدم کڻي پنھنجي زندگي جو ڏيئو پاڻ ئي اجهائيندڙ بڻجي وڃي ٿو، جيڪو اڪثر خودڪشين جي حالتن مان پرک پوي ٿي، لطيف جي سسئي جنھن مايوسي ۽ اوندھ سان مان جياپي جا نوان گس گهڙي نہ رڳو پاڻ جيئي ٿي پر ٻين جي جياپي جو پڻ اتساھ بڻجي اوکاين سان ٽڪراءَ ۾ ئي عظمت سمجهائي ٿي.  زندگي جي ڏکيائن سان مقابل ٿيڻ مان سگهہ حاصل ڪجي نڪي انھن کان ڊڄي گوشا نشين ٿي گذارجي .

اَصلِ اَنگُ سَندونِ، وَھِي جيڏانھِين وِيونِ،

ڪھڙو ڏوھُ ڏِبَونِ، سو مُنھن آيو ساٿِيين.

بنيادي طور عادتون انسان جي کاتي ۾ جيڪي درج ڪيون ويون، تنھن سان ھنن کي مُنھن ڏيڻو پئجي ويو ،ھاڻي انھن کي ڪھڙي ميار ڏجي، يا ميار ڏئي ڇا ڪبو، جيڪو ھن جو ڪم ھيو سو انھن ڪري ڇڏيو. (سسئي ڏيرن لاءِ ٿي چوي) ھنن جي باري ۾ قضا جي قلم اصل کان ائين لکي ڇڏيو ھو، جنھن سان ھنن کي منھن ڏيڻو پيو. (ھنن تڏھن ائين ڪيو، جو مون کي ڇڏي ويا)، انھيءَ ڪري ھنن کي ڪھڙو ڏوھ ڏبو يا انھن تي ميار جو ڪھڙو حرف رکبو.

مطلب تہ انھن پٺيان جيڪا جستجو مونکي ڪرڻي آھي سا ڪري ڏجي، نہ ڪِي انھن جي ڪردار ۽ عمل تي پِٽڪو ڪري مياري ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪري، وڃائي ڇڏجي.

جي ڪيچين جي لکت ۾ دوکو ھيو تہ اي سسئي تنھنجي لکت ۾ جستجو ۽ ڪوشش آھي پنھنجي ڪوششن کي لکيي جو ليک سمجهي نڀاءِ.

لکيو جو نِراڙَ ، سو انگُ ڪِياڙي نہ ٿِئي،

پاڙيو ويٺِي پاڙِ ، جيڪي لالڻ لکيو لوح ۾.

جيڪي ڪجهہ جن جي پيشانيءَ تي عڪس چٽيو ويو آھي، سا پرک ڪياڙي (چھري جي پٺيان) ڪين ٿي ٿئي، ( تنھن ڪري تون انھن حالتن سان مُھاڏو اٽڪائيندي ھلندي ھل جن کي لوح قلم ۾ لکيل سمجهين ٿي.

مطلب تہ تون پنھنجي ڀوڳنائن کي مقدر جو لکيو ئي ڄاڻ جي تنھنجي مقدر ۾ جستجو لکي ويئي آھي جڏھن تہ تون ان کي لکي جو ليک سمجهي ھٿ تي ھٿ رکي ويھي نہ رھجان ۽ نہ ئي وري ڪا موٽ کائجانءِ.

اسان جيڪڏھن اھڙي بيتن مان ايئن سمجهون تہ جيڪي ڪجهہ اسان سان وھي واپري ٿو سو سڀ اڳ ۾ ئي لکيو ويو آھي ۽ ايئن ئي اسان کي ڪرڻو آھي تہ پوءِ انسان فضيلت ۽ اختيار جو پڇاڻو يا جرح ڇاجي؟ خير لطيف جي سبق مان اھو ٿو سمجهجي تہ ڀلي جي اھڙي جستجو تنھنجي لکت ۾ لکيل آھي ته بہ تون انھي کي فرض سمجهي نڀائيندي ھل.

جِتي جيتريُون، لکيُون لوحَ قلم ۾ ،

تِتي تيتريُون، گهڙيُون گهارڻ آئيُون.

جيڪي گهڙيون سختي يا سرھائيءَ جون جن لاءِ لکيون ويون آھن،  جن لاءِ جيڪي ھنڌ مقرر ڪيو ويو سي اوتريون ئي گهڙيون گهاري ۽ فنا ٿي ويندا.

مطلب تہ اي سسئي ھر ھڪ لاءِ وقت مقرر ڪيو ويو آھي تہ ھيترو وقت يا ھيتريون سختيون ھتي گهاري ھليو ويندو ، تيئن تون اھڙين سختين مان مايوس ھرگز نہ ٿيءُ جي ھر حال ۾ تون ايئن ڪندينءَ تنھن ڪري بجاءِ نٽائڻ ڪيٻائڻ ۽ سستي جي تون ھمت سان تن حالتن جو مقابلو ڪر، تون ايئن سمجهہ تہ اھو تنھنجو مقدر آھي جيڪو توکي ڪرڻو آھي، سڀ شڪ ۽ وھم دور ڪري پنھنجي ڪم کي لکت ڄاڻي جنبي وڃ.

 توڻي ولاڙون ڪَرين، توڻي ھلين وِکَ،

لِکي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايع نہ ٿيي.

تون ڪيڏو بہ تيز ھلين يا آھستي يا وک ۾ وک کڻي ھلڻ ڪرين، پر توکي پنھنجي لکيي مان ذري برابر بہ ڪوتاھي ناھي ڪرڻ،

ڀلي جي تون ان کي لکيو ڄاڻي يا نصيب مقدر سمجهين، پر تنھنجي ان ڪرت مان ڪو ذرڙو بہ ڪوتاھيءَ جو اچڻ نہ ڪرڻ گهرجي ،

تون دانھون ،رڙيون ڪندي ھلين يا وِک ۾ وِک کڻي ھلين، اھڙي حالتن کي مقدر سمجهين يا پنھنجي غلطي پر جنھن ڪرت سان تون لاڳاپيل آھين تنھن ۾ ٿورڙي بہ عفلت ڪين ڪجِ.

جيڪُس آئُون نہ تيئن، جيئن پريتَڻو پِريَن سِين،

ڪيچي ڪاھي ڪرھا، مُونھان وَڃَنِ ڪِيئن ،

ڏوھُ منھنجي ڏينھن، نا تہ سڄڻَ سَٻاجها گهڻو.

منھنجو پيار ايترو ڪمزور ڪونہ ھيو جيترو شايد ! ھنن ڪيچين سمجهيو، جي (مونکي ستل ڇڏي) ھو پنھنجا ڪرھا ڪاھي مون وٽان روانا ٿي ويا، وري بہ اھو منھنجو ئي قصور سمجهبو نه تہ منھنجو پرين تہ گهڻو مھربان ۽ رحمدل آھي.

منھنجو تعلق ايترو ڪمزور تہ ڪونہ ھيو جيئن ڪيچين سمجهو، جيئن اڄڪلھ عام ڏٺو وڃي ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن بہ ڳالھ کي پنھنجي لاءِ سچ سمجهي ٿو سو ٻين مٿان بہ رائج ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو، جڏھن تہ سچ ھر ھڪ آڏو پنھنجي مختلف روپن ۾ جداگانہ منظر ۽ حقيقت رکي ٿو، پر جڏھن ان مٿان ڪي قدم کڄي وڃن ٿا تہ پوءِ جيڪي ھاڃا ۽ صدمان  پيش اچن ٿا تن جو ڳاڻيڻو ئي ڪھڙو ڪجي ،جيئن لطيف جي سسئي جنھن ڀوڳنائن جو سفر ڪندي زندگي قربان ڪري ڇڏي، جڏھن تہ حاصلات جو سڪون آري ڄام بہ ڪونہ ورتو ايئن ئي پنھون توڻي اغوا ڪار بہ ڀوڳنائن جو سبب بڻيا، تيئن جيئن اسان حقيقن جو انڪار ڪندي جذباتي قدم تہ کڻي وڃون ٿا پر جيڪي پوئتان حالتون نانگ بڻجي ڏنگڻ شروع ڪن ٿيون تہ پوءِ سواءِ آھ و بڪا جي باقي ڪجهہ رھي بہ ڪين ٿو.