شاھپورجھانيان(ن پ ا) شاھپورجھانيان جي ڳوٺ گل محمد ڏاھري ۾ ھٿن پيرن تي ميندي لڳل ۽ موڙ ڳانا پاتل گھوٽ ارشد ڏاھري لانئون لھڻ کان اڳ محفل ۾ ڄاڃين سان گڏ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪيو، گھوٽ پنھنجي ڪاڄ جي دعوت وارن شادي ڪارڊن تي به سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور ۽ ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا پڻ لکرايا ھئا، گھوٽ ارشد ڏاھريءَ جو چوڻ ھو ته اسان جون سڀ خوشيون سنڌ ۽ سنڌو درياءَ سان سلهاڙيل آھن، سنڌو درياءُ اسان جو پالڻھار ۽ ان جو پاڻي اسان جو جياپو آھي، ڪئنالن جي صورت ۾  پنھنجي ڌرتيءَ ڌڻين جو قتلام برداشت نه ڪبو.