شاھَ جي گنج مان … ڇوريُنِ ڇُلَڻُ سِکيو

0
36
شاھَ جي گنج مان ... ڇوريُنِ ڇُلَڻُ سِکيو

ڪافي سارا بيت اڄ به مونجهاري جو سبب بڻجن ٿا، جنھن جي ورجاءَ پٺيان ڪو به چٽو عڪس ڪونه ٿو نڪري، جڏھن ته گنج جي لکت ۽ شارحن جي لکت ۾ به واضح اختلاف پسي سگهجي ٿو، جيئن ته پنھنجي پڙھڻي يا لکت واري عبارت گنج جي پوئواري آھي، پر اڪثر لکڻيون مختلف نموني سان ملن ٿيون، جيئن “واءَ” کي واءُ ۽ “وِڃايُمِ” کي وِڃاءِ مَ لکيو ويو، سو به يقينن ان بنياد تي کنيو ويو ھوندو ته جيئن خيال جو پورائو ڪري سگهجي، تنھن ھوندي به خيال مڪملتا ڪونه ٿو ماڻي. جنھن جو ذڪر وضاحت سان ھيٺ پيش ڪجي ٿو.

واءَ وِڃايُمِ سو، پُٺيءَ جنھن پنڌُ ڪريان،

ڇَٽا ڇَيَرِ ڀپرِينءَ جو، پيرُ پَرنيان تو،

بَرِ بورائُو جو، سو لَڳِي متان لَٽِيين.

واءَ وِڃايُمِ ڪالَ، پُٺي جنھن پنڌُ ڪيان،

وڃڻ مُون واٽي پيو، ھوتَن ڪارڻَ حالَ،

جبلُ ڏوريان جالَ، ڪارڻِ پيرَ پنھونءَ جي.

ھاءِ افسوس! مصيبت! جنھن نشانن پٺيان ھلڻ پئي ڪيو، سي مونکان وڃائجي ويا، پر جھڙي تھڙي حالت ۾ پرينءَ ڪارڻ گسن تي ھلڻو آھي ۽ گهڻا جبل ڳولھڻا آھن، متان ڪٿي پنھونءَ جو ڏس ملي پوي.

مطلب تہ وقت جي تقاضائن سان ھلڻو آھي پوءِ ڀلي جي حالتون ڪھڙيون بہ ھجن جيئن سسئيءَ جي روپ ۾ سمجهائين ٿا تہ پيرن جا نشان گم ٿي وڃن ٿا، پوءِ بہ ھلڻ کان انڪار ڪانہ ٿي ڪري پر جھڙي تھڙي حالت ۾ مونکي منزل طرف وڌڻ گهرجي، تيئن ئي جياپي ۾ ويھڻ نتيجو ڪونھي پر جياپو خود ھلڻ جو نانءُ آھي ۽ ان سان لاڳاپيل حالتون ڪھڙيون بہ ڇونہ ھجن پر پاڻ کي انھن حالتن سان مقابل ٿيڻو پوندو جيڪا زندگي آھي.

ڏِٺان جي ٻَروچُ، مون جِئَن ھوتُ اَکين سِين

مون کي چَئي لوچُ، پاڻَ ڇُلِي پيٺِيُون ڇَپَرين.

(منھنجون جيڏيُون سرتيون) جيڪڏھن مون جيان ھوت ٻروچ کي ڏسڻ ڪن ھا تہ مونکي (چون ھا) پاڻ وڃي ڳولھائو ٿيءُ  پر ھو پاڻ کي روڪي ڪين سگهن ھا ۽ (پنھونءَ پٺيان) جبلن ۾ ڪاھي پون ھا.

سمورو دارومدار لڳاءَ يا مقصد جو ٿئي ٿو، جھڙي ريت گهرجائو جو گهرج سان اھميت جو ناتو ھوندو، تھڙي ريت ان جي پيروي چاھيندو، جيئن عشق ۾ اھڙا ڪم بہ سرانجام ٿي وڃن ٿا، جن کي عام واھپي ۾ انجام تائين نٿو پھچائي سگهجي، تيئن لطيف پاڻ سان لاڳاپيل مقصد کي عشق جي الفي پھرائي حاصلات جي گسن جو راھي ڪري ٿو ۽ رستي جي سڀني اھنجن کان بي نياز ٿي صرف ۽ صرف مقصد سان سلھاڙجي ھلڻ ٿو چاھي، تيئن ٻين جي ڳالھين يا خيالن کي منزل جي رڪاوٽ بہ ڄاڻائي ٿو.

ڪيڙي ڪيچايَنِ، گورا گَسِ ھَلائِيا

لَڙِئو چَڙهِئو چوٽيين، ڪَرئو ڪوھَ ڪَڙَنِ

لَتاڙي لَطِيفُ چَئي لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ

تَنِ ڪِھڙِي چُڪَ چانگَنِ، ھوتُ حِماتِي جَنِ جو.

ڪيچ وارن (جتن) ننڍن اٺن گورن کي بہ رستن تي ھلڻ (پنڌ) ڪرڻ سيکاري ڇڏين ٿا، جيڪي ھيٺ مٿي جبل جي چوٽين تي چڙهندي گهڻو پنڌ ڪري وڌيڪ پختا ٿين ٿا. عبداللطيف چوي ٿو، تہ اھڙيءَ طرح اھي اٺ سڄو برپٽ لنگهي ويا. اھڙن اٺن کي ڪھڙي ھٻڪ يا رنڊڪ ٿيندي، جن جو مددگار ۽ واھرو ھوت پاڻ آھي.

ھن مٿين خيال مان انساني تربيت طرف اشارو سمجهجي تہ جيئن حالتن کان واقفيت جو ڪو بہ سبق يا اھڙي ڪا تربيت بنيادي طرح ڪونہ ٿي ڏني وڃي، جنھن ذريعن سان ڏک ۽ سک يا ايندڙ حالتن جو محاسبو ڪري سگهجي، جھڙي ريت جت پنھنجي ننڍڙن اٺن کي بہ دڳن تي ھلڻ سيکارين ٿا ۽ لاھن چاڙھن کان شناسائي ڪرائين ٿا، جيئن سسئي جبلن جي ڪشالن کان واقف ڪانھي پر حالتن جي تقاضا موجب جبلن جا ڪشٽ ڪاٽڻا پئجي ويس  پر جيڪڏھن اھڙن اھنجن جي سکيا ٿيل ھجيس ھا تہ ھوند تڪليفون ڪونہ ساري ھا.

بُرو ھو ڀَنڀور، آرياڻِيءَ اُجارِيو

لاٿو سَڀَ ڪنھِين لوڪَ تان ھاڙهي ڌَڻِيءَ ھورُ،

ڇوريُنِ ڇُلَڻُ سِکِيُون، پُنھون ڪِئائون پورُ،

آيو سو اَتورُ، جِنھِن ڏُکيون ڏِکَ وِھارِيُون.

شھر ڀنڀور جون حالتون اڳ ۾ بدحال ھيون، جنھن کي آرياڻي محبوب اچي بھتر بڻايو. ھن اچي سڄي ملڪ جي ماڻهن تان خوف خطرن ۽ ڀؤ ڀولي کي ختم ڪيو. (ھن جي آمد کان پوءِ) ھتان جي نوجوان نينگرين ۾ پڻ اظھار ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ۽ ھنن ھوت پنھونءَ جي (پيار کي) ئي پنھنجو مثال ڪيو، (ماڊل طور پنھون کي پيش ٿي ڪيائون). بيشڪ اھو وڏي مان شان وارو محبوب ثابت ٿيو جنھن جي ڪري غربت جون ماريل عورتن بہ ھار سينگار ڪري سُکيو ھجڻ جو ڏيک ڏيڻ لڳيون.

ڇُلَڻُ، ڇوليون ھڻڻ، ظاھر ڪرڻ، ڳالھائڻ، اظھار ڪرڻ، جيئن تہ ھن بيت جو لفظ ڇُرَڻ معنا ڇاپو يا ٺپو ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ “ر” جي جڳھ “ل” جو عام استعمال ٿيندو اچي، جنھن جي ڪتب آڻڻ سان خيال چٽو ٿئي ٿو تہ نوجوان ڇوڪرين بہ پنھنجي پيار جو اظھار ڪرڻ سکي ورتو، جيڪو پنھونءَ جي پيار جو مثال آڏو پيش ڪن ٿيون، مثال طور استعمال ٿي ڪيائون.پور، ڀرجهلو، مٿان پوڻ وارو، ماڊل.