شاھه لطيف: هڪ انقلابي شاعر

0
113
شاھه-لطيف-هڪ-انقلابي-شاعر

شاهه لطيف هڪ عظيم شاعر آهي، ان حوالي سان هن مضمون ۾ سندس دور جي پسمنظر ۾ صرف سر سامونڊي تي اڀياس پيش ڪجي ٿو.

لطيف سائين جي هن سُر جي موسم ۾ اُتر جا واءُ ورن ٿا، لوهيڙا ڳڀن ٿا ۽ سَر نسرن ٿا: اهي اهڃاڻ سرد موسم جي آمد جا آهن. مند جي اهڙي مانڊاڻ ۾ وڻجاري پرين جي آوت لاءِ سکائون باسي ٿي:

سر نِسريا پاند، اُتر لڳا، آءُ پرين!

مون تو ڪارڻ، ڪانڌ! سهسين سُکائون ڪيون.

لطيف سُر سامونڊي ۾ هي وڻجارن جي سمنڊ_ڪٿا هڪ وڻجاري ناري جي واتان ٻڌائي ٿو. لطيف بي ساختا احساسي ۽ جمالياتي اُڇل ۾ خود وڻجاري ٿي پوي ٿو. هو ان ڪردار ۾ سمائجي داخلي ڪيفيتن جا راز دريافت ڪري ٿو. ان ريت وڇوڙي ۾ پاھھ ٿيل وڻجاري جي وني جي احساس ۽ تصور کي ڀٽائي انتهائي پُراثر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. حقيقت ۾ لطيف وڻجارين کي ڳايو آهي، جيڪي پريم جي رومانس جي ڪلپنا ڪندي، احساسِ محرومي ۾ رهن ٿيون. هي موسم سَر، ڪُسر ۽ لوهيڙن جي نسرڻ جي آهي. موسم جي مناسبت سان انهن جي مزاج ۾ محبوبيت جا اُمنگ ٿا اُڀرن. ۽ سرد رُت ۾ جوڀن آرس ڀڃي ٿو:

سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪُسر نسريا،

تو ڪيئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.

شاھھ ڀٽائي جي شاعرانه اظهار ۾ سامونڊي وڻجارن ۽ وڻجاري جي وڇوڙي، تڙپ ۽ تانگھھ جو ذڪر ملي ٿو: هي سُر انهن ڪردارن جي آدرشن جو ورلاپ به آهي. هن سُر ۾ ٻه منظر آهن: هڪ منظر وڻجارن جو آهي، جيڪي سامونڊي سفر ۾ رهن ٿا، واپار ۽ سوداگري ڪن ٿا. ٻي منظر ۾ انهن واپاري وڻجارن جي محبوبائن جو ذڪر آهي، جيڪي جدائي جو هجر ڀوڳين ٿيون:

جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،

آيل! ڍولئي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.

سُر سامونڊي ۾ ڀٽائي ڏياري جو به ذڪر ڪيو آهي. ڏياري جو تهوار ڪتي مهيني جي اُماوس تٿ تي ملهايو ويندو آهي. ان اُتر واءُ مند جي پسمنظر ۾ ناکئا ڏياري جا ڏيئا ڏسي سڙھ سنڀائن ٿا.

واپار ۽ محبت جون تقاضائون الڳ آهن. محبت ڪو وکر ڪونهي، جنهن تي سودو ڪجي. پر، محبت جا انداز ۽ معيار مٽجي چڪا آهن. پرديسي سان ڪهڙي پريت؟ ميران ٻائي ڪلاسيڪل انداز ۾ چوي ٿي: “ڪيسي پرديسي سي پريت، تلان ڪيرو تاپڻو”. لطيف به ڪجھھ اهڙي ئي ڳالھھ ڪري ٿو ته واپاري، جنهن جو ڪم ڌن جي سوداگري آهي، جيڪي ٻيڙي ڪاهي روانا ٿي وڃن، انهن سان ڪهڙو نينهن؟:

 ٻيڙي جي ڀڻن، نينهن نه ڪجي تِن سين،

اُڀيون ڏنڀ ڏسن، جي سڙھھ ڏيئي سِير ٿيا.

سامونڊي ٻيڙن کي ڪڍي اجهاڳ ساگر ڏانهن اُسهن ٿا. وڻجاري جي سوچ جي وستار سامونڊي سفر جهڙي آهي، جڏهن ته سندس وني ويراڳ ۾ آهي. اُتر واءُ لڳڻ ۽ وڻجاري جو واپس نه ورڻ جي ڪيفيت ۾ هڪ عورت جا احساس درد جي جمال سان پُرڪيف نظر اچن ٿا. انسان وڇوڙي جي ڪهڙي ڪرب مان گذري ٿو؟

آيل! ڪريان ڪيئن؟ منهنجو نينهن اَپليو نه رهي.

ويو وڻجارو اوهري، مونکي چاڙهي چيئن…

وڻجارو منزل جي تلاش ۾ سمنڊ جهاڳي ٿو. هو سمنڊ جي سير کي پٺي نٿو ڏي. سمنڊ جون خوفناڪ لهرون سندن حوصلي کي جهڪائين نٿيون. هو وقت جي تند و تيز هوائن سامهون سينو تاڻي بيهي ٿو. هو سمنڊ جي دهشت ۾ جيت جا جتن ڪري ٿو. هو جڏهن پڳھھ ڇوڙي پنڌ پوي ٿو ۽ سڙھھ سنڀاري ٿو ته ايئن لڳي ٿو ڄڻ ڪو محب وطن پنهنجي ڌرتي جي دفاع لاءِ حق جي ويڙھھ ڪري ٿو. هن کي محبوب جي رومانس ۾ غلامي جي طوق جو احساس آهي. محبوب کان وڇڙڻ ان وقت اجايو ناهي جڏهن سفر جي حاصلات ۾ انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪا پريت جي نئين ريت موجود هجي. شاھھ لطيف سونهن جي ثنا ڪندي انساني فطرت کي بيان ڪري ٿو:

ٿيا ڏياري ڏينهن، سامونڊين سفر جي،

مون سر اُٺا جيڏيون، سندا محبت مينهن،

ڪيس نماڻي نينهن، کاري کيڙائُن جي.

سمنڊ جو سفر خطرن سان ڀريل هجي ٿو. ان لاءِ ڏاهپ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت هجي ٿي. ادراڪ کانسواءِ غفلت جو ٿورو عمل به جوکي جو سبب ٿي سگهي ٿو. هي واپاري سامونڊي سفر جي پُرخطر انديشن کان آگاھھ آهن. هي کيڙائو ڌرتيءَ نه پر سمنڊ کيڙين ٿا. هي سون جي طلب نٿا ڪن، هيري لال جا مطلوب آهن. منزلِ مقصود تي اهي ئي پهچي سگهن ٿا، جيڪي تنظيم ۽ نظريي سان جدوجهد جي ميدان ۾ باعمل رهن ٿا. انهن جي منزل هن سماج جي ڪايا پلٽ آهي.

جيڪي کاهوڙي ماڻهو جاکوڙ جي ميدان ۾ مشغول رهن ٿا، اهو ميدان ئي اصل ۾ انهن جو وطن آهي. اهي وڻجارا محبوب سان، ان جي جواني ۾ ئي جدا ٿين ٿا. انهن لاءِ منزل ئي محبوبيت آهي:

پڳھھ پاسي ويھھ آيل! سامونڊين جي،

تون ويسري وک کڻين، هو پوريندا پرڏيھھ،

سمنڊ جن ساڻيھھ، ڪوھھ نه ويئين تِن سين؟

جن رسا ڇوڙي ٻيڙا سير ۾ وڌا هجن، جن جي حيات جو مقصد جدوجهد هجي، انهن انقلابي سرويچن کي روڪي نٿو سگهجي. اهي پورهيت دوست سياست سان هن استحصال پسند سماج جي بدلاءُ لاءِ عملي ميدان ۾ ڪاهي پوندا آهن. هو وڏي جرئت ۽ بي باڪي سان انساني وقار لاءِ غير طبقاتي سماج اڏڻ جي آدرش سان اهو ئي ڪن ٿا:

اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،

هلڻ هارا سُپرين، رئان تان نه رهن،

آئون جهليندي ڪيترو؟ آيل! سامونڊين،

پڳھھ ڇوڙي جن، وِڌا ٻيڙا ٻار ۾.

هي سُر پڙهڻ سان سنڌو ماٿر جي سڀيتا، جاگرافي، اتهاس ۽ وڻج واپار جو پتو پوي ٿو. ٻيڙا لنگر انداز ڪيئن ٿين ٿا، يا سفر لاءِ اُسهن ٿا: هو سمنڊ جي فطري ماحول ۾ سامونڊين جي زندگي جو عڪس پيش ڪري ٿو. ڏياري جو ڏڻ ملهائڻ کانپوءِ وڻجارا واپار لاءِ ڪاهيندا هئا. واپار سانگي اهي سمنڊ ۾ سفر ڪندا هئا ۽ وقت جي وڏي وٿي سان واپس ورندا هئا. “لڳي اُتر اُهريا، واهندي ورن”: سامونڊي اُتر واءُ لڳڻ سان اُسهندا هئا ۽ واهوندن ۾ واپس ورندا هئا. هو ڪپڙا کڻي سامونڊي کارين جي ڪنڌين ۽ ڪنارن، ۽ سنڌو درياءَ جي ڇاڙن ۽ بندرن کان سري لنڪا (سرانديپ)، بنگال، ايراني نار، يمن، برما، آفريڪا، چين، سوماترا ۽ مالديپ ڏانهن ويندا هئا، ۽ اُتان سون ۽ ٻيو سامان سودي ايندا هئا. بندر ديسان ديس مال وڪڻندا هئا.

سنڌين کي پڻي لوڪ يا پاڻي جا ماڻهو به چيو ويندو آهي. هندو مٿالاجي ۾ جل ديوتا جي پُوڄا جو ذڪر ملي ٿو. دريا پنٿي (Indus Cult) سنڌو درياءُ جي پوڄا ڪندا هئا. شايد ان جو خاص سبب اهو آهي ته درياءُ انساني جياپي، وجود جي بقا ۽ خوشحالي جو اهڃاڻ آهي. ندين جي پيدائش ۽ زرخيزي جي ڪري ماڻهو انهن کي پاڪ ۽ پويتر سمجهندا هئا ۽ ندين کي ديوتائن جو درجو ڏنل هو. هن وقت به هندو عورتون سمنڊ ۾ اکا وجهي پوڄا ڪنديون آهن، ۽ گل ارپنا ڪنديون آهن. سُر سامونڊي ۾ لطيف انهن وڻجارين جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي جل پوڄا ڪن ٿيون ۽ سُرهاڻ ڀريا اکا سمنڊ کي ارپنا ڪن ٿيون:

اڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون،

آڻئو اَکا ڏين، کٿوري سمنڊ کي.

اُڀي تڙ سمنڊ پوڄا ڪرڻ يا آکا ڏيڻ جو ڪو منطق آهي؟ هي احوال سنڌ جي ثقافتي اِتهاس سان منسوب آهي. لطيف پنهنجي دور جي ثقافت يا سماج جو ذڪر ڪري ٿو ته سامونڊين جا اهي سوڻ ساٺ ۽ دريا پنٿي ڪريا ڪرم هئا:

جَر ٿڙ ڏيا ڏي، وڻ ٽِڻ ٻڌي وائنٽِيون،

الا! ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان!

شاھھ لطيف ان ڏکئي سامونڊي سفر جي اهڃاڻن جو چتاءُ به ڏيئي ٿو. هو خبردار ڪري ٿو ته جدوجهد جي عمل ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪجن، ۽ مشڪلاتن سان ڪيئن منهن مقابل ٿجي؟ سائين جي ايم سيد وڻجاري جي وني جي تشريح انقلابي جي زال طور ڪيو آهي. سائين پنهنجي ڪتاب “پيغامِ لطيف” ۾ لکي ٿو ته: “ هن سُر ۾ هن انهن محب وطنن جو ذڪر ڪيو آهي، جي قوم ۽ ملڪ خاطر گهر ڇڏي بي گهر ٿين ٿا. ۽ ورهين جا ورهيه قيدن ۽ جلا وطنين جي سزا ڀوڳين ٿا، سدائين مسافري ۾ آهن، جنهن ڪري سندن ونيون پيون واجهائن، وڻ ٽڻ وانئٽيون ٻڌن، ڏيا ٻارين ۽ سکائون باسين. انهن جي درد ڀرئي داستان جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته”:

سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،

مون کي ٿي ماري، انهين سندي ڳالهڙي.

ڏيئو روشن خيالي ۽ جرڪندڙ مستقبل جو استعارو آهي. لطيف پُڇي ٿو ته هي پنهنجي ڪانڌ سان ملڻ جون حسرتون ڇو ٿي ڪري، هي پاڻي جي ياترا نٿي ڪري ۽ نه ئي ڏيا ٿي دُکائي: سوال؟

جا جَرَ جاٽون نه ڏئي، ڏيا نه موهي،

سَڌون ڪوھھ ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون؟(پورو ٿيو)

   [email protected]