جيڪڏھن مان مصور ھجان ھا ۽ مون کي پاڪستان جي جمھوريت پينٽ ڪرڻي پوي ھا ته جيڪر مان پينسل سان بليڪ اينڊ وائيٽ اسڪيچ ليڪيان ھا ھڪ جھريل جھوپڙيءَ جو ۽ ان مٿان ميڊيا جو ڦاٽل ساٽل پرچم به پسائڻ جي ڪوشش ڪريان ھا!“
اسان جي ملڪ جي باني پنھنجي سوچ ۽ مزاج ۾ جيترو مھذب ۽ آزادي پسند انسان ھو، ھن جي تخليق کي سرڪاري ۽ سياسي ستمگرن ايترو ئي سوڙھو بلڪه تنگ بڻائڻ جي ڪوشش ۾ ھر دور دوران ڀرپور ڪاميابي ماڻي آھي. جڏھن ته ھن دور ۾ اھا صورتحال وڌيڪ سخت ٿيندي محسوس ٿي رھي آھي. جڏھن ته ھي دور وڌيڪ جمھوريت ۽ وڌيڪ آزاديءَ جو چيو پيو وڃي پر ھن دور ۾ سرمائيدار جمھوريت جي ھڪ ھٽيءَ جنھن من مانيءَ سان ٽين دنيا جي بگڙيل ملڪن جي معاشرتي ۽ معاشي نظامن کي پنھنجي مفادن ۾ استعمال ڪيو آھي، ان جو حقيقي منظر پيش ڪرڻ لاءِ سعادت منٽوءَ کي نئون جنم وٺڻو پوندو.
ھڪ پاسي اسان کي اھو سمجھايو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ جمھوريت آھي ۽ ٻئي پاسي ان جمھوريت کي ايترو ته ڪنٽرول ۾ رکيو ٿو وڃي جو ان جي باري ۾ سوال پڇڻ جو مطلب به قانون ھٿ ۾ کڻڻ برابر قرار ڏنو ٿو وڃي. دنيا جي ڪھڙي جمھوريت ۾ قلم يا مائيڪ کڻڻ وارا ھٿ ھٿڪڙين سان سجايا ويندا آھن؟ جڏھن ته اھي ھٿ ھن مھل تائين سوگھا ٿي نه سگھيا آھن، جن ۾ جديد ۽ خطرناڪ ھٿيار نه رڳو آھن پر اھي ھٿ اھي ھٿيار ھلائين به ٿا ۽ اھي اڀ ۾ شوٽنگ نه ڪن. انھن پاران ھلندڙ گوليون پھاڙن جي پاڇن وارن علائقن ۾ رھندڙ انسانن جو رت ائين وھائين ٿا، جيئن تمام گھڻي گجگوڙ کان پوءِ وٺل برسات سبب مينھن جون ننڍيون وڏيون نديون ڊوڙنديون نظر اينديون آھن. ملڪ ۾ انسان جي زندگي کسيندڙ ھٿ آزاد ۽ انسانن جي آئيني حقن جي ڳالھ ڪندڙ زبانن کي بند ڪرائڻ جي لاءِ جنھن طرح سان جبر کي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان سان جنھن معاشري جي تشڪيل ٿي رھي آھي، اھو معاشرو ڪڏھن به مھذب چورائڻ جو حق گھري نه ٿو سگھي. ڇو ته ڪڏھن به جبر تي صبر جمھوريت جي بنيادي دستاويز ۾ تحرير ٿيل ناھي.
ايلن مسڪن تازو ميڊيا جي حوالي سان جيڪو ڪجھ چيو ھو، ان کي ٻڌي ته اسان کي مغربي ادب جو اھو ڪردار ياد اچي ٿو وڃي، جنھن کي “فائوسٽ” سڏيو ويندو آھي. ميڊيا کي مجبور ڪري ان کان اظھار جي آزاديءَ جي قيمت وٺڻ جو سودو ممڪن آھي ته ڪجھ فردن جي فائدي وارو ھجي پر ان جو تاريخ کي جيترو نقصان رسي رھيو آھي، ان جو اندازو ممڪن آھي ته اسان جو موجوده نسل نه ڪري سگھي پر اسان جو ايندڙ نسل اسان جي ان قسم واري ڪردار تي ڪڏھن به فخر نه ڪري سگھندو.
ڪيوبا جي عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڪاسترو جڏھن گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ھو ته ھن عدالت جي ڪٽھڙي ۾ ڊگھي تقرير ڪئي ھئي ۽ ان جو اھو عدالتي بيان جڏھن تحريري صورت ۾ شايع ڪيو ويو ھو ته ان جو نالو رکيو ويو ھو، “تاريخ اسان کي بي ڏوھي قرار ڏيندي” تاريخ چي گويرا ۽ ڪاسترو کي نه صرف بيقصور قرار ڏنو پر اتھاس انھن جي عظمت کي سدائين نوڙي سلام به ڪيو آھي. اسان اھڙي ڪا ناڪام ئي سھي پر پنھنجي دور جي ظلم ۽ جبر خلاف بغاوت نه ڪئي آھي. اسان جي ان ڪانئرتا واري ڪردار سبب اھي امڪان تمام گھڻا روشن آھي ته اسان کي اھو مستقبل معاف نه ڪندو، جيڪو ھڪ ٻار وانگر معصوم ۽ پھاڙي چشمي جيان پاڪ صاف ھوندو آھي.
پاڪستان ۾ ڪنھن دور دوران جڏھن جمھوريت جو جھنڊو کڻي ھلندڙ اڳواڻن لاءِ ڌرتيءَ کي تنگ ڪيو ويندو ھو ته ھو “پاڻ مرادي جلاوطني” اختيار ڪندا ھئا ۽ اسان کي انھن جي اھا روش به نه وڻندي ھئي پر افسوس ته اسان جي موجوده حالت اھڙي ٿي وئي آھي جو اسان “پاڻ مرادي آزاديءَ کان بيزاري” واري دائري ۾ داخل ٿي ويا آھيون ۽ اسان جي لاءِ اھو جياپو ترقيءَ جو رستو بڻجي ويو آھي. جيڪڏھن ضمير وڪڻي زر حاصل ڪرڻ جو نالو ترقي آھي ته پوءِ تباھيءَ جي وصف ٻيھر سوچڻي ۽ سمجھڻي پوندي.
ڇا ھيءَ صورتحال جيڪا ڪنھن به نالي ۽ ڪنھن به حوالي سان ٿي رھي آھي، ان جو سڌو سنئون اثر اسان جي ان زندگيءَ تي نه ٿو پوي، جنھن ۾ اسان جو اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ ۽ سوچڻ سمجھڻ به متاثر ٿي رھيو آھي. اسان شيڪسپيئر جا اھي ڪردار بڻجي ويا آھيون، جيڪي ھڪ پل ته قاتل ڪردار وانگر اھو ٿا چئون ته اسان جي ھٿن تي لڳل ھِي رت ڦڙا ٿوري پاڻيءَ سان به ڌوپي ۽ صاف ٿي ويندا. جڏھن ته ٻئي پل ۾ اسان مان اھو اعتراف الٽيءَ وانگر نڪري ٿو اچي ته خون جي انھن داغن کي ست سمنڊن جو پاڻي به صاف ڪري نه ٿو سگھي. ڇو ته اھو خون ڪنھن انسان يا ڪنھن پکيءَ جو ناھي. اھو اسان جي ضمير جو خون آھي. ضمير جي خون جا داغ ڌوئڻ لاءِ ھن مھل تائين ڪو به صابڻ يا ڪو به ڊٽرجنٽ ايجاد ٿي نه سگھيو آھي. اسان کي محسوس ڪرڻ گھرجي ته اسان پنھنجي شعوري ڪردار سان ھڪ اھڙي معاشري جي تخريبي تعمير ڪري رھيا آھيون، جيڪو معاشرو ڪنھن تاريڪ غفا وانگر بند ھوندو آھي ۽ ان ۾ تابوت وانگر ھوا جو تازو جھوٽو داخل ٿي نه سگھندو آھي. روس مٿان جڏھن زار شاھيءَ جو راڄ ھو، تڏھن ان قسم جي ڪيفيت ان عظيم اديب شدت سان محسوس ڪئي ھئي، جنھن لکيو ھو ته پيٽرس برگ ۾ آڪسيجن جو مقدار گھٽجي ويو آھي. ڇو ته ماحول ۾ جيڪا گھٽ ۽ جيڪا ٻوسٽ پيدا ٿيندي آھي، ان ۾ انسان جو آزاد ضمير آسانيءَ سان ساھ به نه کڻي سگھندو آھي. ھيءَ اھا ڪيفيت ھوندي آھي، جنھن جو ڀرپور اظھار صرف اديب ۽ شاعر ڪري سگھندا آھن.
شيخ اياز جڏھن آمريت جي دوران محسوس ڪيو ھو ته اظھار جي آزاديءَ نه ھجڻ سبب معاشري ۾ ھڪ طرح جي گُھٽ پيدا ٿي آھي، تڏھن ھن ان کي نه صرف للڪاريو ھو پر ھن اسان کي اھو به سمجھايو ھو ته تازي ھوا نه ھلڻ سبب سجيل سڙيل ڳريل لاش وانگر بدبوءِ سان ڀرجي ويندا آھن ۽ اھا بدبوءِ صرف شھر جي نالين ۽ گٽرن مان نه ايندي آھي پر اھا ڌپ انسان جي انھن شين مان به اچڻ لڳندي آھي، جنھن سان ھو پيار ۽ محبت ڪندو آھي. ان ڪري اياز پنھنجي ھڪ نظم ۾ لکيو ھو:
“ڇا پنڊيءَ مان، ڇا مانيءَ مان
ڇا تنھنجي ڳل جي ڳانيءَ مان
ڇا تنھنجن ڪارن وارن مان
ڇا تنبوري جي تارن مان
ٿي ور ور ساڳي بانس اچي
۽ گھري غم جي ڇٽ ڪري”
۽ صرف اياز ئي ڇو؟ اھا ساڳي ڪيفيت دنيا جي ھر شاعر شدت سان محسوس ڪئي آھي. فھميدھ رياض جنرل ضياءَ جي دور ۾ جيڪو جڳ مشھور نظيم لکيو ھو، ان ۾ اھا ڪيفيت ڪيتري نه ڀرپور انداز سان بيان ٿيل آھي. جنھن ۾ ھڪ عشق جي آرزو ۾ مھڪندڙ مورت جھڙي عورت چوي ٿي ته: ھن وقت ته کڻي ڪمري ۾ تنھائي آھي پر پنھنجو پاڻ کي وندرائڻ ۽ پنھنجو ڌيان مٽائڻ جي ڪوشش ڪيستائين ڪامياب ٿي سگھندي؟ خاص طور تي جڏھن ٻاھر ڀرپور برسات وسڻ لڳي ۽ ان برسات جي پاڻيءَ ۾ ھر شئي صاف ۽ چٽي ٿي سامھون اچي ته پوءِ ماڻھوءَ کي ھر اداڪاري ۽ ھر مڪاري نظر اچڻ لڳي ٿي. اھڙي ماحول ۾ جڏھن لفظن جي لڄالٽ ڪئي وڃي ۽ ڪوڙ کي سچ سڏيو وڃي ۽ سچ مجبوريءَ کان پنھنجو منھن لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو ھجي ته ان ڪيفيت ۾ ڇا ڪنھن به حساس انسان کي ساھ کڻڻ جي دوران ھڪ طرح جي تڪليف محسوس نه ٿيندي؟ ڇا ھن کي اھو نه لڳندو ته ھن جي ملڪ ۽ معاشري ۾ ھٿراڌو گُھٽ ۽ ٻوساٽ آھي!!؟
چين جي عظيم انقلابي اڳواڻ چيئرمين مائوزيتنگ کان جڏھن ھڪ آمريڪي صحافيءَ انٽريو دوران اھو سوال پڇيو ھو ته، “مائوزيتنگ ڪير آھي؟” تڏھن ھن ھڪ گھرو ۽ سرد ساھ کڻي چيو ھو ته، “مان ھڪ اھڙو ڀڪشو آھيان، جيڪو تمام تيز برسات دوران پائن وڻن جي ٻيلي مان ڇڳل ڇٽيءَ سان گذري رھيو آھي”.
جيڪڏھن مان مصور ھجان ھا ۽ مون کي چيو وڃي ھا ته، جمھوريت جي مسافر جي مورت ٺاھي ڏي ته مان شايد اسلام آباد جي شاھراھ دستور تي ھلندڙ ھڪ دلگير دانشور جي اھا تصوير پينٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ھا، جنھن جي مٿان سياري جو تيز مينھن وسي رھيو ھجي ۽ ھن جي ھٿ ۾ ھڪ ڇڳل ڇٽي ھجي!! ۽ جيڪڏھن مون کي ان تصوير مٿان ڪجھ تحرير ڪرڻ جي موڪل به ملي ھا ته جيڪر مان سرخ رنگ سان اھي لفظ لکان ھا؛ “ڇڳل ڇٽي“!!
مارگلا پھاڙين جي پاڇي ۾ سياريءَ جو سج تڪڙو لھي ويندو آھي. ھڪ دور اھڙو به ھو، جڏھن سفارت، سياست ۽ صحافت جي مھانگي مزدوري ڪرڻ کان پوءِ ڏونگر ڏارڻ جھڙو ڏينھن گذارڻ جي غم کي گھٽائڻ لاءِ گلاسن ۾ گرم شربت سان ننڍڙن گليشيئرن جھڙا سفيد برف جا ٽڪرا ڇلڪائڻ وارا انسان ڪجھ خوابن ۽ ڪجھ ڪتابن جون ڳالھيون ڪندي پورن مان سور ۽ سورن مان پور پچائيندا ھئا پر ھاڻي من کي ھلڪو ڪرڻ بدران تازين سازشن جا سلسلا سرجڻ لاءِ سج لھڻ جو به انتظار نه ٿا ڪن.
شھر اقتدار ۾ اميدن جو سج اڀرڻ جي جرئت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو ته ھن آڏو نون قانون جا ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪري وسڻ جا وس ٿا ڪن ۽ ڇڳل ڇٽي پنھنجي تن جون ليڙون ميڙي ھڪ نئين مقابلي لاءِ پنھنجو پاڻ کي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.