شاگرد ڪلديپ جو موت قتل آھي: مھراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ريلي

0
118
شاگرد ڪلديپ جو موت قتل

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ڪلديپ جي موت خلاف زيرو پوائنٽ کان کان مُک گيٽ تائين ريلي بعد ڌرڻو ھنيو ويو آھي

شاگردن جو چوڻ آهي ته ڪُلديپ جي طبيعت رت جو عطيو ڏيڻ بعد خراب ٿي وئي هئي، سندس گهربل ٽيسٽون ڪرڻ بنا رت ڪڍيو ويو هو

شاگردن جو چوڻ ھو تھ يونيورسٽي ۾ آر بي سي بلڊ بئنڪ جون گاڏيون گهرائي شاگردن کان زوري ورتو ويندو آهي، رت وٺڻ کان اڳ گهربل ٽيسٽون به نه ڪرايون وينديون آهن

شاگردن موجب شاگرد ڪُلديپ به انهي لاپرواهي جو شڪار ٿي حياتي وڃائي ويٺو، شفاف جاچ ڪرائي سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

راڻيپور ڀرسان شاھاڻي برادري ۾ جھيڙو، شاگرد قتل