ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو مسافر وين مان شاگرد ڪري زخمي ٿيڻ وارو معاملي خلاف هائير سيڪنڊري اسڪول ميرپوربٺورو جي استادن ۽ شاگردن جو گسٽا اڳواڻ لطيف شورو، شوڪت علي سومرو، امجد خيرپوري جي اڳواڻي ۾ سجاول ميرپوربٺورو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سجاول، حيدرآباد روڊ تي هلندڙ مسافر وينن وارن جي زيادتين خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، انهي موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي استادن ۽ شاگردن چيو ته گذريل ڏينهن اسان جي اسڪول جو شاگرد سليم شيخ مسافر وين واري جي لاپرواهي سبب هلندڙ وين مان ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو هن وقت ڪراچي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، پر پوليس وين ڊرائيور کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽ پوليس پاران تحويل ۾ ورتل وين کي پڻ رات دير سان ڇڏيو ويو آهي، ٻئي طرف استادن ۽ شاگردن جي احتجاج دوران ايس ايچ او ميرپوربٺورو ڌرڻي واري هنڌ پهچي کين خاطري ڪرائيندي چيو ته جلد وين ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويندو، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.