اها ڪا اڄڪلهه جي ڳالهه ناهي، هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙا رياستي پراجيڪٽ رهندو آيو آهي. شاگرد يونين تي پابندي وجهي پيدا ٿيل خال کي جنرل ضياءُ جي دور ۾ بنياد پرست شاگرد تنظيمن کي هٿياربند ڪري ڀرڻ ۽ غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان کانسواءِ ان جي خواهش ڪئمپسز کي غير سياسي ڪرڻ پڻ هو، ڇو ته اهي 1952ع واري ٻوليءَ واري جدوجهد ۾ شاگردن جي فعال ڪردار ۽ 60ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ مخالف تحريڪ توڙي 1983ع ۾ ايم آر ڊي ۾ شاگردن جي هراول دستي طور شرڪت سبب پڻ ملڪي اسٽيبلشمينٽ خوف ۾ ورتل هئي. توڙي جو عدالت عظميٰ طرفان شاگرد يونين تي پابندي جو جواز ڪئمپسز ۾ جهيڙن کي ڄاڻايو ويو، پر حقيقت اها آهي ته جهيڙا ته ان پابنديءَ کانپوءِ وڌيا، جيڪي اڃان تائين جاري آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ هڪ رجعت پسند شاگرد تنظيم جي غنڊا گردي ان جو تازو مثال آهي، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ شاگردن جي ٻن گروپن ۾ پڻ جهيڙو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 شاگرد زخمي ٿي پيا آهن ۽ هڪ شاگرد جي اک کي نقصان پهچڻ تي ان کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي انتظاميا پوليس گهرائي هاسٽل کي تالا هڻائي ڇڏيا آهن. جهيڙي سبب ڪئمپس ۾ شديد خوف ۽ هراس ڇانيل آهي.
سنڌ جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ننڍڙين ڳالهين تان جهيڙا معمول بڻيل آهن ۽ شاگردن جي وچ ۾ ٿيندڙ انهن ذاتي جهيڙن کي تنظيمي رنگ ڏيئي اڪثر ڪري تنظيمي جهيڙا بڻايو ويندو آهي. ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ جي دور ۾ جتي سڄي سماج کي غير سياسي بنائڻ واري پاليسي تي عمل شروع ٿيو ۽ ان ۾ اهم نشانو شاگرد بڻايا ويا هئا، ان ڪري هر هلچل ۾ هراول دستي ۽ مهڙ واري مورچي جو ڪردار ادا ڪندڙ شاگردن کي سياسي ڌارا مان ڪاٽڻ لاءِ شاگرد يونين تي پابندي مڙهي وئي. يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي چونڊيل قيادت، انهن جي سمورن مسئلن جهڙوڪ: فين جي غير ضروري واڌ کي روڪڻ، استادن ۽ ٻئي عملي طرفان شاگردياڻين جي جنسي هراسگي روڪڻ، هاسٽل جي مسئلن، جيئن ته: صاف پاڻيءَ جي فراهمي، صفائي جي بهتر انتظام سميت ميس ۽ ٽرانسپورٽ جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙڻ آهي. انتظاميا جيئن ته نه چاهيندي آهي ته ڪو سندن ڪرپشن تي نظر رکي ۽ فيصلي سازيءَ ۾ شاگردن جي نمائندگي هجي. ان ڪري انهن ادارن جي سربراهن طرفان به يونين جي مخالفت ٿيندي رهي آهي. يونيورسٽي جي استادن ۽ ٻين ملازمن کي يونين ٺاهڻ جو حق آهي پر پابندي صرف شاگردن لاءِ آهي. يونين نه هجڻ ڪري شاگرد جڏهن رڳو مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته به انهن تي بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا. جنرل ضياءُ فيبروري 1984ع ۾ شاگرد يونين تي پابندي مڙهي ۽ ان بعد جمهوريت جي چئمپيئن سڏائيندڙ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جون ڪيترائي ڀيرا حڪومتون آيون پر ٻيا سڀ قدم ضياءُ جا ختم ڪيا ويا، ايتري قدر جو آئين ۾ سندس من پسند ترميمن جون لڳايل چَتيون به ارڙهين آئيني ترميم ذريعي ختم ڪيون ويون پر شاگرد يونين تي پابندي واري آمر ضياءُ جي فيصلي کي نه ڇيڙيو ويو ته متان گناهه ٿئي. البته پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ ڪجهه ڪوششون ڪيون، 1989ع ۾ يونين کي ايڪٽ ذريعي بحال ڪيو پر 1993ع ۾ عدالت عظميٰ هڪ بنياد پرست شاگرد تنظيم جي عهديدار جي درخواست تي توڙي جو پابندي ته نه هنئي پر شاگردن کان سياست ۾ حصو نه وٺڻ واري حلف نامي سان مشروط ڪري ڇڏيو.
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ لاءِ ٿيل احتجاجن کانپوءِ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل سال نومبر ۾ سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي شاگرد يونين جي بحالي ۽ اليڪشن بابت رولز ٺاهڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني ۽ بورڊز ۽ يونيورسٽيز جي وزير اسماعيل راهو ٻن هفتن اندر رولز منظور ٿيڻ جو اعلان به ڪيو پر غير سنجيدگي ايتري، جو اهي ٻه هفتا هلندڙ سال ۾ پ پ پ جي اقتدار جي آخري ڏينهن تائين به پورا ٿي نه سگهيا. شاگرد يونين نه هجڻ جي ڪري ئي يونيورسٽين ۾ تشدد وڌيو آهي، جنهن جي هڪ ثابتي مشال خان جي شهادت آهي. پيپلز پارٽي حڪومت جرئت جي هڪ وک کڻي شاگرد يونين بحال ڪري ها ته ملڪ جا ٻيا صوبا به ان جي تقليد ڪن ٿا. اهي شاگرد يونينون ئي آهن، جيڪي ملڪي سياست جي مک ڌارا کي سياسي اڳواڻ ڏين ٿيون. ميان رضا رباني ۽ معراج محمد خان سميت ڪيترائي سياستدان ان جو مثال آهن. اسان سمجهون ٿا ته يونيورسٽين ۾ شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ شاگرد يونينون ضروري آهن، جيڪو شاگردن جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، جنهن کان شاگردن کي گذريل 40 سالن کان محروم رکيو ويو آهي. هاڻي ظاهر آهي ته نگران حڪومتون اهو ڪم ڪونه ڪنديون، ان لاءِ وري ايندڙ اليڪشن کانپوءِ نئين حڪومت جو انتظار ڪرڻو پوندو.