ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ سماج کي “ڊي پوليٽيسائيز” ڪرڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا، اُنهن مان شاگردن يونين تي پابندي پڻ هڪ آهي. شاگرد سماج جو ساڃاهه وند ۽ باشعور طبقو آهي ۽ اهو طبقو سماج کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سياست کان خوفزده آمر جنرل ضياءَ طرفان شاگرد يونين تي پابندي کي چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود به اها پابندي ختم نه ٿي سگهي آهي. توڙي جو وچ ۾ چونڊيل حڪومتن پاران اعلان ته ٿيا پر عملي طور تي اها پابندي ختم نه ٿي سگهي. ڪُجهه وقت اڳ سنڌ اسيمبليءَ طرفان پڻ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ ته منظور ڪيو ويو پر عملي طرح ان تي به ڪو تحرڪ نظر نه آيو پر تازو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جي بحاليءَ لاءِ صوبائي خاص معاون منصور شاهاڻي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي وزير کي خط لکي اها گُهر ڪئي آهي ته، سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ٿيل ٺهراءَ جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين کي بحال ڪيو وڃي. ان حوالي سان يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون وڃن.
شاگرد يونين تاريخي طور تي پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شاگرد يونينون ملڪ جي مستقبل جي سياسي قيادت لاءِ ‘انڪيوبيٽر’ جو ڪردار ادا ڪنديون آهن. ورهاڱي کان پوءِ وارن شروعاتي ڏينهن کان ئي يونيورسٽين ۾ شاگرد تنظيمن سياسي ميدان ۾ توڙي سماجي تبديلي جي پليٽ فارم تي بهتر ڪم ڪيو. 1950ع ۽ 1960ع وارن ڏهاڪن ۾ شاگرد يونينون پاڪستان ۾ سياسي سرگرمين ۾ سڀ کان اڳڀريون هيون. بينظير ڀٽو، معراج محمد خان، رضا رباني سميت گهڻين سياسي شخصيتن شاگرد سياست جي صفن مان جنم ورتو. شاگرد يونينون اڪثر ڪري آمراڻين حڪومتن خلاف جاکوڙڻ ۾ پڻ سڀ کان اڳڀريون رهيون پر 1977ع ۾ جيئن جنرل ضياءَ چونڊيل حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو ته هُو سياست، خاص طور تي شاگرد سياست کان خوفزده رهڻ لڳو، جو اهو آمر جنرل ايوب خان جي خلاف شاگرد سياست کي هراول دستي طور ڏسي چڪو هو. جنهن ڪري هُن 1984ع ۾ شاگرد يونين تي پابندي مڙهي، جيڪا اڃان تائين برقرار آهي. شاگرد سياست تي پابندي جنرل ضياءَ جي وسيع آمراڻين پاليسين جو حصو هئي، جنهن اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ يونيورسٽي ڪيمپسز ۾ فڪري گفتگو کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان پابنديءَ نه صرف سياسي تحرڪ ۾ خلل وڌو پر گڏوگڏ شاگردن جي قائدانه صلاحيتن کي پڻ اُسرڻ کان روڪيو، قومي مسئلن تي بحث ڪرڻ ۽ سماجي مسئلن لاءِ متحرڪ ٿيڻ جي موقعن کان پڻ محروم ڪري ڇڏيو. ان ريت هٿ وٺي هڪ خال پيدا ڪيو ويو، جنهن کي رجعت پرست سياسي ڌُرين کي موقعا ڏئي ڀريو ويو ۽ جمهوري سياسي قدرن جي حوصلي شڪني ڪئي وئي، جنهن سبب ڪيمپسز ۾ تشدد کي هٿي ملي. شاگرد يونينون مرڪزي سياسي ڌارا کان ڪٽجي ويون. شاگرد يونينون حقيقي معنيٰ ۾ مستقبل جي سياستدانن لاءِ نه صرف اوسر جا ادارا هيون پر گڏوگڏ هڪ اهڙو فورم به هيون، جتي تعليمي پاليسين کان وٺي سماجي انصاف تائين اهم مسئلن تي بحث ٿيندو هو. اڄ يونيورسٽين ۾ شاگردن جي نمائندگي نه هجڻ جي ڪري هڪ خال پيدا ٿيو آهي، يونيورسٽي انتظاميا جي ڪرپشن تي آواز اُٿارڻ وارو ڪو به نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو يونيورسٽين جي انتظاميا طرفان پڻ شاگرد يونينن جي مخالفت ٿيندي رهي آهي يا ڪنهن نه ڪنهن ريت رنڊڪون وڌيون وينديون رهيون آهن.
پاڪستان ۾ شاگرد يونين جي تاريخ جمهوري جدوجهد سان ڀرپور رهي آهي. شاگرد يونينن ملڪ ۾ مشهور اڳواڻ پيدا ڪيا ۽ سياسي سُجاڳيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، شاگرد يونين کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن اهڙو ماحول جُڙي سگهي، جنهن ۾ شاگرد سياسي عمل ۾ تعميري ۽ پرامن طريقي سان حصو وٺي سگهن. اهو سياسي طور تي باشعور ۽ متحرڪ سماج جي تعمير لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، جتي نوجوانن کي پنهنجي قوم جي مستقبل جي جوڙجڪ لاءِ بااختيار بڻايو وڃي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پيپلز پارٽيءَ جون جمهوريت لاءِ تمام گهڻيون قربانيون آهن، ان ڪري شاگرد يونين جي بحاليءَ لاءِ پ پ پ حڪومتن ۾ آواز اٿندو رهيو آهي پر عملي ميدان ۾ تحرڪ نظر نه ايندو آهي. سنڌ حڪومت کان اها گهر ڪجي ٿي ته ترت قدم کڻي سنڌ جي چونڊيل ايوان جي ٺهراءَ کي مانُ ڏنو وڃي.