ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي معطل شاگردن جي عدالتي حڪم باوجود  داخلا بحال نه ٿي سگھي، عدالت درخواست تي نوٽيس ڪري ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي معطل ڪيل شاگردن جي داخلا جي بحالي وارن عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي  دوران درخواستگذارن جي وڪيل عثمان فاروق توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي، عدالت دائود انجينئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ثمرين حسين، رجسٽرار آصف شاھ ۽ ٻين ڌرين کان 31 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته وائيس چانسلر ثمرين حسين عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وي سي ثمرين حسين ۽ ٻين ڌرين کي شاگردن کي ٻيهر داخل ڪرڻ جو پابند ڪيو ھو، يونيورسٽي انتظاميا هڪ شاگرد عامر ڳاهو جي داخلا بحال ڪئي آهي، جڏهن ته عدالتي حڪمن باوجود محمد حسيب جي داخلابحال  نه پئي ٿئي، يونيورسٽي انتظاميا جي نااهلي ۽ ھڪ ھٽي سبب شاگرد جو ڪيريئر تباهه ٿي سگهي ٿو،