جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ مئٽرڪ جي شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش واري معاملي جو پ پ اڳواڻن جي سرپئنچي ۾ جرڳو، جوابدار ڌر مٿان 3 لک ڏنڊ، ڪيس تان هٿ کڻڻ جي فتويٰ،40 ڏينهن اڳ اسڪول ويندي مئٽرڪ جي شاگردياڻي ز لاشاري سان زيادتي جي ڪوشش معاملي جو فيصلو پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر لياقت علي لاشاري ۽ صابر جکراڻي جي سرپئنچي هيٺ عبدالله شاهه ٽائون ۾ ڪيو ويو، فيصلي ۾ شاگردياڻي جو والد محمد علي لاشاري ۽ جوابدار زاهد جکراڻي جا وارث پيش ٿيا،سرپئنچ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ڳالهين ۾ جوابدار زاهد جکراڻي مٿان شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ ثابت ٿي جنهن تي سرپئنچ پاران جوابدر ڌر مٿان 3 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي جوابدار ڌر اڄ متاثره شاگردياڻي جي گهر ميڙ کڻي وڃي تڏو بخشرائيندو جنهن کانپوءِ شاگردياڻي جو والد جوابدار کي 3 لک روپيا معاف ڪندو، سرپئنچ پ پ ضلعي صدر لياقت علي لاشاري ٻڌايو ته جوابدار زاهد جکراڻي تي شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ثابت ٿي جنهن تي 3 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي جيڪو ميڙ کڻي تڏو به بخشرائيندو، متاثره شاگردياڻي جي والد محمد علي لاشاري ٻڌايو ته آئون غريب آهيان جوابدار ڌر مون کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا، خير ۾ رب راضي آهي ان لاءِ ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته انصاف ڪٿي آهي جوابدار ضمانت ڪرائڻ کانپوءِ مسلسل ڌمڪيون ڏيندا رهيا ان لاءِ مايوس ٿي ڪري ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي

جيڪب آباد ۾  اجتماعي زيادتي شڪار ڳورهاري عورت جي حالت خراب

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 3 ڏينهن اڳ اجتماعي زيادتي جي شڪار ڳورهاري عورت ش س جي طبيعت اڃان تائين خراب آهي، عورت کي وقفي وقفي سان بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، جيڪا ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس گرفتار ٿيل ٽئين جوابدار ٺارو جکراڻي کي سيڪنڊ سول جج جوڊيشنل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت پوليس جي درخواست تي جوابدار 6 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اجتماعي زيادتي واقعي کان پوءِ پوليس گرفتار ٿيل ٽنهي جوابدارن جا ڊي اين اي چڪاس لاءِ جزا وٺرايا ويا هئا جيڪي اڃان تائين ڄامشورو ليبارٽري نه اماڻيا ويا آهن سول اسپتال انتظاميا پاران جزا ورتا ويا آهن جيڪي اڃان تائين اسپتال ۾ پيل آهن جڏهن ته اجتماعي زيادتي جي الزام هيٺ آيل جوابدار ٺارو جکراڻي ۽ شان جکراڻي جي وارث عورتن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي احتجاج ڪندڙ عورتن دانهيو ته اسان جا نوجوان اجتماعي زيادتي ۾ ملوث ناهن، واردات واري ڏينهن تي جوابدار شان جکراڻي دعوت تي ويل هو ۽ ٺارو جکراڻي گهر ۾ موجود هو.

 

شاگردياڻي جا وارث ڌمڪين خلاف احتجاج ڪري چڪا، جوابدار کي رليف

جيڪب آباد: شاگردياڻي ز لاشاري جي وارثن کي ڪالهه ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون مليون جنهن کانپوءِ هڪ ڏينهن جي اندر وڏيرن پاران فيصلو ڪري جوابدارن کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي شاگردياڻي جي وارثن هڪ ڏينهن اڳ جوابدارن جي مليل موتمار ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ گذريل ڏينهن فيصلو ڪوٺايو ويو جوابدار ڌر مٿان 3 لک ڏنڊ مقرر ڪئي وئي متاثر ڌر کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ پابند بڻايو ويو آهي

شاگردياڻي سان اسڪول ويندي رستي ۾ زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي

جيڪب آباد: شاگردياڻي ز لاشاري سان 28 سيپٽمبر تي اسڪول ويندي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کي وارثن پڪڙي پوليس حوالي ڪيو سٽي ٿاڻي تي جوابدار زاهد جکراڻي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جيڪو ضمانت تي آزاد ٿي ٻاهر نڪري آيو آهي جڏهن ته جوابدار ڌر پاران ڪيس کڻڻ لاءِ مختلف وقتن تي وارثن ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن

جيڪب آباد ۾ ڏوهاري راڄ: مهيني ۾ 3 زيادتي واقعا !

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ هڪ مهيني دوران ٻن نياڻين سان زيادتي ۽ شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پوليو ورڪر سان زيادتي ڪئي جيڪا انصاف نه ملڻ سبب شهر هميشه لاءِ ڇڏي وئي ٻه ڏينهن اڳ ش س سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي آهي جڏهن ته مهينو اڳ شاگردياڻي ز لاشاري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جو ڪالهه فيصلو ڪري جوابدارن کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي.