ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته گروٿ فار رورل ايڊوانسمينٽ اينڊ سسٽين ايبل پروگريس (GRASP) سنڌ حڪومت سان 19 مختلف پاليسين جي تياري تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن مان 8 پاليسيون لائيو اسٽاڪ کاتي سان لاڳاپيل آهن،ڪالهه لائيو اسٽاڪ بابت ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته چوپائي مال جي علاج کان وڌيڪ ضروري بيماري لڳڻ کان اڳ ويڪسين ڪرائڻ ضروري آھي، بيماري جوعلاج مھانگو ۽ ويڪسين وري سستي آھي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪول سطح تي نان فارمل تعليم ذريعي شاگردن کي لائيو اسٽاڪ فارمنگ سان لاڳاپيل مختلف صلاحيتن جي تربيت ڏيڻ لاءِ ڪورسز متعارف ڪرائڻ تي غور ھلندڙ آھي، جنھن سان ڳوٺاڻي ترقي ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھندي. لائيو اسٽاڪ واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان اڄ هڪ انقلابي سفر شروع ڪري رهيا آهيون، جيڪو انهي اهم شعبي کي ترقي ڏيندو، روزگار جا موقعا وڌائيندو، ۽ قومي خوشحالي ۾ مددگار ٿيندو.