ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي خانگي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ جو اختيارين نوٽيس ورتو، ان ڏس ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولز جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر پروفيسر رفيعه ملاح جسماني سزائون روڪرائڻ لاءِ  ڪاميٽي جوڙي آهي، ڪاميٽي جو چيئرمين يا چيئرپرسن تعليمي ادارن جو سربراهه هوندو، جڏهن ته لاڳاپيل کاتي جو سربراهه، متاثر شاگردن جا والدين ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ ادارن جو نمائندو عبدالستار ميمڻ به ڪاميٽي ۾ ميمبر طور شامل ٿيندا. ان ڏس ۾ جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به تعليمي اداري ۾ ڪنهن شاگرد کي جسماني سزا ڏني وئي ته اسڪول جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي.