ميسيچوٽس جي تعليمي کاتي طرفان 2008 ۾ استادن جي پيشه ورانه تدريس بابت ھڪ جامع ڪتاب “سسٽم فار بيسڪ ايجوڪيشن سپورٽ اينڊ ايڊلٽ اينڊ ڪميونٽي لرننگ سروسز” مرتب ڪيو ھو. ھن ۾ پيشه ورانه تدريس جي ھر ھڪ موضوع تي توھان کي بھترين ۽ جامع معلومات ملندي. ھتي آئون ڪلاس اندر شاگردن جي مختلف تعليمي سرگرمين جي حوالي سان ذڪر ڪندس. ھي سرگرميون جيتوڻيڪ ٻولين جي سکيا لاءِ تمام اھميت رکن ٿيون پر انهن کي سائنسي مضمونن جي تدريس ۽ سکيا لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو:
- شروعات کي آسان بڻائيندڙ (آئيس بريڪرز): ھن ۾ استاد ۽ شاگردن ۾ اعتماد جي فضا کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. مثال طور شاگردن کي پنھنجو پاڻ يا دوستن طرفان متعارف ڪرائڻ ۽ سندن معلومات ۽ تجربن ونڊڻ جا موقعا فراھم ڪرڻ.
- ڏاڍيان ۽ خاموشي سان پڙھڻ: ابتدائي ڪلاسن ۾ شاگردن کي وڏي آواز ۾ پڙھڻ سيکارڻ ۽ ٽئين ڪلاس ۽ ان کان مٿين ڪلاسن ۾ خاموش مطالعو سيکارڻ ۽ ان جي مشق ڪرائيندو رھڻ انهن لاءِ اڳتي جي تعليمي منزلن کي آسان بڻائي ٿو.
- بورڊ جو استعمال: استادن ۽ شاگردن طرفان نئين سائنسي موضوع کي بيان ڪرڻ يا تفصيل سان سمجهائڻ، حسابن يا گرامر جي تصورن کي حل ڪرڻ يا لکت ۾ سمجهائڻ، ۽ شاگردن جا خيال گڏ ڪرڻ ھن جا مثال آھن.
- عملي طرح سان ڪري ڏيکارڻ: ھن ۾ استاد طرفان شاگردن کي خالص توڙي سماجي سائنسز جا موضوع ۽ مسئلا ليبارٽري يا ڪلاس ۾ عملي طرح سان حل ڪري ڏيکارڻ، ننڍي پيماني تي صنعتي عمل ۽ پيداوار جي مرحلن کي عملي طور مظاھري وسيلي سمجهائڻ اچي وڃن ٿا.
- مداخلت: شاگرد جيڪڏھن ڪنھن مشڪل تعليمي ٽاسڪ ۾ منجهي وڃن ته انهن کي ان مونجهاري مان ڪڍڻ لاءِ استاد طرفان مداخلت ڪرڻ ۽ سھولتڪاري فراھم ڪرڻ ضروري ٿي ويندو آھي.
- مشق: شاگردن کي حسابي کوڙن، مساواتن، فارمولن ۽ خطرناڪ شين توڙي ضروري ھدايتن کي بصري نشانين وسيلي سيکارڻ جي مشق ڪرائڻ ۽ انهن کي وري وري دھرائڻ سان ياد ڪرائڻ ھن جا مثال آھن.
- گروپن ۾ ڪم ڪرڻ: شاگردن کي ننڍن گروپن ۾ سکيا ڏيڻ ته جيئن شاگردن ۾ گڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي. ھر گروپ ۾ شاگرد جي صلاحيت مطابق ان کي مخصوص ڪردار يا ٽاسڪ ڏني ويندي آھي جھڙوڪ پڙھندڙ، ٽاسڪ بابت ممڪنہ جواب يا حل گڏ ڪندڙ، موزون جواب جي چونڊ جي جهموري چونڊ ڪرڻ، رپورٽ لکندڙ، تصويرون ٺاھيندڙ ۽ ڪلاس جي سامهون پيش ڪندڙ وغيره.
- سڄو ڪلاس بطور ھڪ گروپ يا انفرادي ڪم: ڪلاس ۾ شاگردن کي ساڳيو ڪم بطور ھڪ تعليمي سرگرمي ڏيڻ، يا وري ھر شاگرد کي يا ڪجھ چونڊيل اھل شاگردن کي انفرادي اسائنمينٽس ۽ تحقيقي پروجيڪٽس ڏيڻ.
- ذھني طوفان برپا ڪرڻ: ھڪ بلڪل نئين منصوبي کي شروع ڪرڻ، تعليمي موضوع يا مسئلي بابت استادن توڙي شاگردن طرفان سندن خيالن، راين، خدشن ۽ حل ڳولڻ لاءِ انهن جي ذاتي تجربن ۽ مشاھدن کي بورڊ تي لکندو وڃڻ يا آواز رڪاڊ ڪرڻ.
- ترجيحي ۽ درجي بندي جو لسٽون: ھڪ وڏي پروجيڪٽ يا تحقيق جي منصوبه بندي ۽ تنظيم لاءِ مختلف انٽرنيٽ جي ذريعن مان حاصل ڪيل مواد ۽ ماھرن جي اھم خيالن، انھن بابت حمايتي ۽ تنقيدي دليلن ۽ تنظيمي مواد يعني بابن ۽ مرحلن بابت ڪچيون، ترجيحي ۽ مربوط تنظيمي لسٽون ان جي بھتر انداز ۾ شروع ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آھن.
- ڌيان سان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ: استادن يا ٻين شاگردن جي گفتگو يا وري فلمن، ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جا اھم نڪتا نوٽ بوڪ تي لکڻ، مونجهاري جي صورت ۾ وقتائتا سوال پڇڻ ۽ ان بابت واندڪائي ۾ پاڻ ڳالهائڻ يا مواد کي وڏي آواز ۾ پڙھڻ مددگار رھي ٿو.
- ڌيان سان پڙھڻ: ڪنھن موضوع بابت لکيل مواد پڙھڻ وقت ايندڙ جملو يا نڪتو ڪھڙو ھوندو جو اندازو ڪرڻ، مشڪل نڪتي بابت استاد کان سوال ڪرڻ ۽ وضاحت طلب ڪرڻ سان گڏ اھم نڪتا، مرحلا ۽ تت ان مھل لکي وٺڻ بھتر رھي ٿو.
- لکڻ جا مرحلا: ھن لاءِ شاگردن کي پنھنجي دلچسپي وارو خيال يا موضوع چونڊڻ، ان سان لاڳاپيل ۽ ٺھڪندر مواد ڳولڻ، مواد ۽ ان جي مرحلن جو خاڪو ٺاھڻ، ھم خيالن سان ھر ھڪ پيراگراف يا نڪتي/مرحلي تي تنقيدي رايا وٺڻ ۽ ان کي سنوارڻ، تخليق کي مڪمل شڪل ڏيڻ، ٻين پڙھندڙن کان پروف جون غلطيون ڪڍائڻ، تخليق کي آخري شڪل ڏيڻ ۽ ڇپرائڻ بابت شاگردن کي سمجھائڻ ۽ عملي مشق ڪرائڻ ضروري آھي.
- زباني پيشڪش: ڪلاس ۾ ھر ھڪ شاگرد کي استاد پنھنجي مرحليوار پيشه ورانه مدد سان ان قابل بڻائي جو اھو انفرادي يا پنھنجي گروپ جي پاران ڪلاس جي سامهون اچي پنھنجي تحقيقي رپورٽ يا ذاتي سکيا جي تجربن بابت خوبصورتي ۽ مؤثر طريقي سان زباني ڳالهه ٻولهه ۽ تقرير ڪري سگھي يا پريزنٽيشن ڏئي سگهي.
- تعليمي رانديون: ھنن ۾ جگسا (Jigsaw) وسيلي يعني تصوير جي ننڍن ٽڪرن کي جوڙي وڏي تصوير مڪمل ڪرڻ، نقشي تي مخصوص جاءِ/علائقو ڳولڻ ۽ ان تائين علامتي طور پھچڻ، گرامر جي جملن/مشينري/يا انگن اکرن ۽ حسابن ۾ غلطيون ڳولڻ شامل آھن.
- ٽڪرن يا اشارن کي استعمال ڪرڻ: حسابن جا بلاڪن ۽ ڳنڍيندڙ راڊن سان حساب سکڻ/حل ڪرڻ؛ بي ترتيب اکرن مان لفظ، لفظن مان جملا ۽ اڌوري خيال مان ڪھاڻي ٺاھڻ.
- تقريري بحث مباحثا: شاگردن کان مختلف موضوعن تي تقريرون ڪرائڻ ۽ ڊبيٽ يعني ھڪ موضوع جي حمايت ۽ مخالفت ۾ تقريري مقابلا ڪرائڻ سان تنقيدي سوچ، حاضر دماغي، جهموري لاڙن ۽ سھپ کي فروغ ملي ٿو.
- تحقيقي پروجيڪٽس: نئين موضوع تي تحقيق ڪرڻ يعني ميسر معلومات جو تجزيو ڪرڻ، تحقيقي خال جي نشاندهي ڪرڻ، ان جي ازالي لاءِ مواد گڏ ڪرڻ، مواد جو تجزيو ڪرڻ، ان مان نتيجا اخذ ڪرڻ ۽ تحقيقي رپورٽ لکڻ.
- رول پلي: حقيقي ۽ عملي زندگي جي مخصوص حالتن کي مؤثر نموني منھن ڏيڻ لاءِ شاگردن طرفان انهن جو نقل ڪرڻ يا اداڪاري وسيلي انهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ، جھڙوڪ نوڪريءَ جو انٽرويو، اسيمبلي ۾ قانون سازي وغيره جا رول پلي ڪرڻ.
- ھڪجيڏن ۽ دوستن سان ملي ڪم ڪرڻ: ملي جلي ڪم ڪرڻ، ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ، ھڪ ٻئي جو مؤقف ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ جذباتي ٿيڻ کان سواءِ دليلن جي بنياد تي تنقيد ڪرڻ جي اھليت پيدا ڪرڻ.
- سکيا ۾ نواڻ: مختلف اٽڪلن ۽ طريقن سان مختلف ۽ اجنبي شاگردن جا ننڍا ننڍا گروپ ٺاھڻ ۽ انهن کي گڏيل تعليمي پروجيڪٽ يا اسائنمينٽس ڏيڻ ۽ انهن کان ڪم جي پريزنٽيشن وٺڻ.
- سرزمين جو سير/ماھر مھمانن جا سيمينار: شاگردن کي ماڊلن وسيلي سمجهائڻ کان پوءِ لاڳاپيل صنعتي/سائنسي سرزمين جو سير ڪرائڻ وسيلي مصنوعات ۽ انهن جي تياري سمجهائڻ. ان کان سواءِ ڪلاس ۾ فارغ التحصيل شاگردن ۽ ٻين معزز مھمانن جيڪي ھاڻي انتظامي عھدن ۽ پروجيڪٽس جو انتظام هلائيندڙ آھن کي پنھنجا تجربا ونڊڻ جو انتظام ڪرڻ.
- جديد سمعي بصري معاونات: شاگردن جي تعليمي سکيا کي مؤثر بڻائڻ لاءِ روايتي بورڊ ۽ مارڪرس سان گڏ ملٽي ميڊيا پروجيڪٽر، ايل سي ڊي/ايل اي ڊي پروجيڪشن، انٽر-ايڪٽو سمارٽ بورڊ جو استعمال ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي.
- گذريل تدريس ۽ سکيا جو عڪس: شاگردن طرفان گذريل ڏينھن جي تدريس ۽ سکيا بابت ويچار ونڊڻ يعني سکيا جو تت پيش ڪرڻ، بھترين ۽ بدترين ڳالھين ۽ سرگرمين کي نروار ڪرڻ ۽ بھتري لاءِ بنا ڊپ ڊاءُ واريون صلاحون ڏيڻ لاءِ آزاد لکڻي (free writing) کي فروغ ڏيڻ.