شاگردن تي تشدد قانوني ڏوهه آهي

0
264
مخلوق خدا جو مورت مارچ

 سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اهڙا واقعا رپورٽ ٿيندا رهن ٿا ته اسڪول، ڪاليج، مدرسي،گاڏين گيريج يا ڪنهن ٻئي هنڌ تي پڙهندڙ يا ڪو ڪم سکندڙ شاگرد تي استاد تشدد ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، پهرين ڳالهه ته پنجن سالن کان وٺي 16 سالن تائين جي ڄمار واري ٻار کي هر صورت ۾ اسڪول ۾ پڙهڻو آهي، انهي بابت قانونسازي ٿيل آهي، جنهن مطابق نه رڳو سرڪاري اسڪولن ۾ انهن کي مفت تعليم فراهم ڪئي ويندي، پر خانگي اسڪولن ۾ به انهن مستحق شاگردن لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا مختص ٿيل آهي ته جيئن فيس ادا ڪرڻ جي سگهه نه رکندڙ ماڻهو به پنهنجي ٻارن کي ڪنهن سٺي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائي سگهن، اسان جي ڪوشش رهي آهي ته انهي تي عمل يقيني بڻايون، پر جيستائين هڪ قوم جي حيثيت سان پاڻمرادو اهي اسڪول پنهنجي اها قومي ذميواري سمجهي ان تي عمل نه ڪندا ۽ حقيقي مستحق ٻارن کي داخلائون نه ڏيندا تيستائين ته رڳو خانا پوري واري داخلا ئي ٿيندي رهندي،

شايد هن وقت اها خانا پوري وڌيڪ هلي ٿي، جيتري وڌيڪ سختي ڪريون ٿا،انهن تعليمي ادارن جي انتظاميا ايتري وڌيڪ خانا پوري ڪري ٿي، انهي ڪري انهن ادارن جي انتظاميا کي به سنجيدگي سان قومي ذميواري نڀائڻ گهرجي، انهي سان گڏ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾، دڪانن تي يا ٻين ڪم وارن هنڌن تي 16 سالن تائين جي ڄمار وارن ٻارن کي نه رکن، پر جيڪڏهن ڪنهن ٻار جا والدين غريب آهن، ڪو يتيم ٻار آهي جيڪو پنهنجي بيواه والده يا ڀيڻن جو اڪيلو سهارو آهي ته پوءِ انهي کي روزگار فراهم ڪندڙ اهو دڪاندار يا گهر جو مالڪ گهٽ ۾ گهٽ ويجهي اسڪول ۾ ضرور داخل ڪرائي جيئن اهو ٻار پنهنجي محنت مزدوري سان گڏ ٻه اکر پڙهي وٺي ۽ اهو اجرت ڏيندڙ ماڻهو پنهنجي ڪم سان گڏ قومي فرض ادا ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀرو رهي سگهي. مان اڪثر ڏسندي آهيان ته اسان وٽ “ڇوٽو ڪلچر” گهڻو آهي، مطلب ته هر ما ڻهو چاهيندو آهي ته سندس گهر ۾ ننڍي عمر جو ڪو ڇوڪرو ڪم وارو هجي، انهي سان گهر جون عورتون آساني سان گهر ۾ هلي ڦري سگهنديون آهن پر جيڪڏهن ڪو جوان يا وڏي عمر جو به مرد ڪم ڪار لاءِ هوندو آهي ته عورتن کي مٿي تي پوتي سميت پنهنجي ڪپڙي لٽي جو خيال رکڻو پوندو آهي، انهي ڪري اڪثر ماڻهو گهرن ۾ ننڍي عمر جا ڇوڪرا ڪم لاءِ رکن ٿا، انهي ڇوٽو کان نه رڳو گهر جو پر ٻاهر دڪان بازار جو به ڪم ڪار وٺندا آهن ته اهو آرام سان هليو ويندو،

انهي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڪثر بنگلن تي اهڙا ڇوٽو وڏي انگ ۾ موجود آهن، انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته بيروزگاري ۽ مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو هر ماڻهو جو گذر  سفر ڏکيو ٿي ويو آهي، انهي ڪري هاڻي والدين نه چاهيندي به پنهنجي ٻارن کان محنت مزدوري ڪرائين ٿا پر انهن جي غربت جو احساس ڪري روزگار ڏيندڙ ماڻهو ٿورو پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندا ته انهي سان اسان جي سماج ۾ڪافي بهتري اچي ويندي، انهي ڪري پاڻ سڀني کي انهي ڳالهه جو عهد ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ 16 سالن تائين جي عمر وارو ڪو ڇوڪرو يا ڇوڪري بطور مزدور ڪم ڪري ٿو ته انهي جي تعليم فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪريون، جيتوڻيڪ چائلڊ ليبر تي پابندي آهي پر ان باوجود ننڍي عمر جو مزدور سستو ملي ٿو ته اڪثر ماڻهو رکن ٿا ۽ اهو ٻار به شوق مان نه پر مجبوري مان مزدوري ڪندو هوندو. ٻاراڻي پورهئي کي روڪڻ لاءِ سرڪار کي قانونسازي سان گڏ هڪ سروي به ڪرڻ گهرجي ها ۽ پوءِ انهن ليبر ٻارن جي لاءِ هڪ مخصوص فنڊ قائم ڪري انهن جي سهائتا لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها ته پوءِ شايد انهي چائلڊ ليبر مان جان ڇٽي سگهي ها، ٻي صورت ۾ چائلڊ ليبر ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿئي پيو ۽ اسڪول ڇڏڻ وارن شاگردن جي انگ ۾ اضافو ٿئي پيو، شاگردن جي اسڪول ڇڏڻ جا جتي معاشي ۽ٻيا سماجي مسئلا آهن، اتي هڪ اهم مسئلو “ڪارپورل پنشمينٽ” به آهي، يعني اهو تشدد جيڪو ڪم واري هنڌ تي انهن شاگردن تي ڪيو وڃي ٿو جيڪو انهي  ٻار تي بطور استاد يا نگران طور مقرر ٿيل آهي،

سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن کان وٺي مدرسن يا ڪاليجن تائين به شاگردن تي تشدد عام بڻجي ويو آهي، اهو تشدد هڪ قانوني طور ڏوهه آهي، جنهن سبب تشدد ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران 2017ع ۾ هڪ قانونسازي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪنهن به شاگرد تي تشدد منع آهي، شاگرد جيڪي پنجن سالن کان 18 سالن جي وچ واري عمر جا آهن، اهي يقينن معصوم ۽ ڪومل هجن ٿا، انهن جي شرارت کي روڪڻ يا کين بهتر بنائڻ جي آڙ ۾ مٿن تشدد ڪندڙ استاد سمجهي وٺن ته اهو تشدد شاگردن کي سڌارڻ بدران سندن لاءِ ذهني اوسر ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو، تشدد ڪنهن به صورت ۾ بهتر ناهي بڻائيندو، پر اهو بغاوت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڪيترائي شاگرد رڳو انهي ڪري اسڪول ناهن ويندا ته انهن جي ڪلاس روم ۾ مٿن استاد جسماني تشدد کان علاوه جملي بازي ڪري ذهني تشدد ڪن ٿا، هاڻي ته جنسي تشدد جا به واقعا اڪثر تعليمي ادارن ۽ مدرسن ۾ پيش اچن ٿا، جنهن سبب شاگرد پريشاني جي عالم ۾ رهن ٿا. اهي ٻار سماج جا ڪارائتا ٻار ڪيئن ٿيندا جيڪي ذهني طور پريشان هجن؟ استاد توڙي والدين ٻارن سان محبت سان پيش اچن، جيڪڏهن ڪلاس روم ۾ ڪو شاگرد وقت تي هوم ورڪ نٿو ڪري، پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي لحاظ کان ٻين شاگردن کان پوئتي آهي ته انهي ٻار تي تشدد بدران انهي سان محبت ۾ ويجهڙائي ڏيکاري انهي جا سبب پڇا ڪجن،

استادن کي گهرجي ته ڪلاس روم کي ٽارچر سيل نه بڻائين. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ واقعو ڪنڌڪوٽ جي اسڪول ۾ پيش آيو، جنهن جو تعليم واري وزير نوٽيس ورتو هو، جنهن کانپوءِ مان پاڻ ڪراچي جي ڪجهه خانگي اسڪولن جو سرپرائيز وزٽ ڪري اتي ڪاروپورل پنشمينٽ جي حوالي سان جائزو وٺڻ نڪتيس، مان ڏٺو ته ڪلاس رومز ۾ اسان جي وڃڻ دوران ڪو ٻار ڳالهائي پيو ته اتي اسڪول جي ٽيچر انهي کي اکيون پئي ڏيکاري ۽ ٻار انهي خوف ۾خاموش ٿي پيو وڃي، انهي تي مان انهي اسڪول جي انتظاميا کي سختي سان هدايت ڪئي ته استادن جو اهو اکيون ڏيکارڻ وارو رويو تبديل ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾اسين ڪارروائي ڪنداسين، ڇاڪاڻ جو موجوده تعليم واري وزير جي اها هدايت آهي ته اسڪولن کي تعليمي درسگاهه بڻايو، شاگردن لاءِ مني جيل نه بڻايا وڃن جو اهو شاگرد پنهنجون صلاحيتون اجاڳر ڪرڻ بدران مايوس ٿي ڪومائجي وڃي. انهي ڪري اسان سمورن خانگي اسڪولن لاءِ خاص پمفليٽ ڇپائي موڪليا آهن ته جيئن هر ماڻهو کي ان ڳالهه جي خبر پئجي سگهي ته اسڪول جي استاد کي اهو بلڪل به حق ناهي جو اوهان جي ٻار تي اهو تشدد ڪري، تشدد جي روڪٿام نه رڳو خانگي پر سرڪاري ادارن ۾ به ضروري آهي، اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن پاڻ سڀئي سماج جا شهري پنهنجي پنهنجي علائقي جي تعليمي ادارن تي نظر رکنداسين ته اتي شاگردن تي جيڪڏهن ڪو تشدد ٿئي ٿو ته انهي خلاف آواز اٿاري. لاڳاپيل فورم تي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي شڪايت ڪريون ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل تشدد کان پاڪ ۽ باصلاحيت بڻجي سگهي، تشدد تربيت نٿو سيکاري پر تشدد صلاحيتن جو دشمن آهي، انهي ڪري والدين توڙي استاد ٻارن تي تشدد بدران کين پيار، محبت، اخلاق ۽احترام وارو ورتاءُ ڪن ته اهي اسڪولي شاگرد توڙي گهر جا ٻار سماج جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن ٿا.