لطيف جي شاعري قومي، انقلابي ۽ اتساھ ڏيندڙ آھي، پر وقت جي رجعت پرست مؤرخن، محققن، ۽ دانشورن اُن جي مطلب ۽ مفھوم کي ڦيرائي من گھڙت تشريحون ڪيون آھن. انھن تشريحن ۽ دعوائن عام پڙھندڙ تي ايترو ته اثر ڇڏيو، جو ماڻھو سمجھڻ لڳا ته لطيف آھي ئي ڪنھن ٻي “سياري” جو شاعر، باقي سنڌ، سنڌي ماڻھن، انھن جي درد ۽ مسئلن کان منھن موڙي ٿو! ھُن ۾ روحانيت جون رمزون آھن، باقي حقيقي مادي دنيا سان ڪو واسطو ڪونھي! اسان کي اھڙن راين لاءِ احترام آھي، پر لطيف پنھنجي ڳالھ ۽ مؤقف ۾ سنڌي عوام جو نمائنده شاعر آھي. محمد ابراهيم جويو “شاهه سچل سامي” ۾ ٻڌائي ٿو ته، “هنن جي سامهون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، با وقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب هو ۽ انهن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو به هو. ٻيائي ۽ ويڇي کي هٽائڻ جو، پنهنجن کي پنهنجو ڪرڻ جو، ٻڌي ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪي ۽ سونهن کي پاڻ ارپڻ ۽ انهن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻهپي جو، ماڻهو جي مريادا ۽ مان ۽ ماڻهو جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تهذيب جي عروج ۾ پنهنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقي جي جدوجهد ۾ ڀاڳي ڀائيوار ٿيڻ جو.” (ص.77)
ڪنهن به سماج جي مهذبپڻي ۽ سڌريل هئڻ جي پرک ان سماج ۾ عورت جي سماجي حيثيت، آزادي ۽ خودمختياري مان لڳائي ويندي آهي. لطيف عورت جي مرتبي لاءِ ڳائيندي پنهنجو شعر سندن واتان چيو آهي، پنهنجي جذبن جي نمائندگي عورت جي واتان ڪئي آهي. لطيف زرعي سماج ۾ جاگيردارانه قدرن کان واقف ٿي، نه صرف عورت جي مظلوميت تي شعر سرجيا آهن، بلڪه انهن جهانگين ۽ سانگين جي پاسي ٿي سندن پورهيت ڪرت تي لکيو آهي. هن استحصال پسند ٽولي کي هارين ۽ مزدورن جي رت ۽ ست تي پلجندي ڏٺو هو. ڀٽائي دوکي جي وانجھارن ۽ ڪانئرن جي ڪرڪوتن کي ڏسي بيدار ڪيو ته، “ستين ڪهڙي سار، وڄ کوندءِ وسرا، تو جيڏا تو يار، لهرين لهوارا ڪيا”. سائين جي ايم سيد “پيغام لطيف” ۾ لکي ٿو ته “شاهه صاحب جي طبع جو رجحان سوشلزم طرف هو، تنهنڪري ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته هو اهڙي نظام جي برخلاف هجي، جنهن مان سندن مارو ۽ سنگهار، بکيا، اُڃيا، اُگهاڙا ۽ بي گهر خانا بدوش زندگي گذارين ۽ چند شاهوڪار طبقي جا ماڻهو پيا مزا ماڻين. مارئي جو مثال ڏيئي هو ٻڌائڻ گهري ٿو ته، اها ڪيڏي به قيمت تي، سواءِ مارن جي سکئي ٿيڻ جي پنهنجي شخصي حالت بدلائڻ لاءِ تيار نه آهي. هو باوجود عمر جي هزار آڇن جي مارن کانسواءِ پاڻ کي سکي نٿي سمجهي، جڏهن هن جا مارو ولهه ۾ سمهن ٿا ته هو ڪيئن سوڙن ۾ سمهڻ برداشت ڪندي.” (ص.177)
لطيف جي رچنا اندر ۾ ٻارڻ ٻاري ٿي. تخيل جي اُڏام Awe-inspiring آهي. هو ڪاهلي ۽ جاهلي جي روين کي ترڪ ڪري منزل مقصود لاءِ سورهيائي سفر جو همسفر ٿي هلندو رهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هو ٿڪجڻ جي وائي نٿو ورجائي، منزل پنهنجي جاءِ تي، منزل جي حصول لاءِ هلندو رهڻ لطيفي فلسفو آهي. انور پيرزادو “ڀٽائي جي شاعري ۾ سياسي ۽ سماجي وحدت الوجود” ۾ چوي ٿو: “جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ هاري پورهيت جي حقن جي وڪالت ڪرڻ سياست آهي ته پوءِ ڀٽائي جي انهي بيت لاءِ ڇا چئجي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ‘پنڻ جي پورهئي مان، ڪنهن نه ڀريا پل، هاري سي امل، هر جنين جي هٿ ۾”. جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ جيلن ۾ بند ماڻهن کي سياسي نظر بند ڪوٺيو وڃي ٿو، ۽ انهن جي آزادي جا مطالبا ڪرڻ سياست آهي ته پوءِ مارئي جي ڪردار، عمر جي قيد ۽ ڀٽائي جي سر مارئي کي ڪهڙي طرح غير سياسي سڏي سگهجي ٿو. ۽ ساڳي طرح جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ ڪنهن ڌاري فوج پاران پنهنجيون سرحدون اورانگهي ٻئي ملڪ تي حملو ۽ ان حملي خلاف مزاحمت کي سياست سڏجي ٿو ته پوءِ 1739ع ۾ نادر شاهه پاران سنڌ تي ڪيل حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ آندل تباهي خلاف رسالي ۾ ڏنل اشارا ڪيئن غير سياسي آهن.
سنڌ لطيف جي دور ۾ ڌارين جي يلغار جو شڪار ٿي هئي، ۽ هن لکيو هو ته “ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا”.. لطيف جي شاعري سندس دور جو اتهاس آهي، ۽ ان اتهاس جي اولڙي ۾ هو انسان کي فڪري طور مضبوط ڪري ٿو. پاڻ جوڳين، سامين سان گڏ هو، اهو انتها پسندي خلاف اُٿڻ جو عملي روپ هو. تنوير عباسي مضمون “شاهه لطيف جي شعر ۾ سماجي اوسر جو تصور” ۾ لکي ٿو ته “شاهه لطيف جي دور جي سنڌ جو پڻ اهو ئي حال هيو. ڌارين جون ڪاهون، خونريزي، تباهي. ان تنهائي جي احساس کي ختم ڪرڻ، ماڻهن جي هڪٻئي ۾ اعتماد کي بحال ڪرڻ، محبت، خلوص ۽ مروت جي جذبن کي فروغ ڏيڻ لاءِ لازمي هو ته اهڙا قدر واضح ٿين جو ماڻهو هڪٻئي سان گڏجي ويهن، تنهائي جو احساس ختم ٿئي، ڪو به پاڻ کي اڪيلو نه ڀانئي، اجتماعيت جو شعور پيدا ٿئي”. تاريخ ۾ رقم آھي ته، سنڌ تي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو راڄ سڀاويڪ نه ھو. سماجي اوسر ۽ علمي حصول تي ڄڻ ته “راتاھو” ھو. جيتوڻيڪ، دريا خان جي شھادت لطيف جي دؤر کان اڳ جو واقعو آھي، ساموئي وٽ رت ريج ٿيا ۽ دريا خان جنگي مقابلي ۾ شھادت جو جام نوش ڪيو ۽ سنڌ تي مرزا شاھ بيگ ارغون قابض ٿي ويو. ان کان پوءِ ڪجھ سال بعد مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙھي شھيد ڪيو ويو… 1739ع جي آخر ۾ سنڌ تي نادر شاھ حمله آور ٿئي ٿو، ڪلھوڙا نادر شاھ سامھون ڍال بڻجي نه سگھيا. شاھ لطيف غاصب قوتن حمله آورن خلاف گونجار ڪري ٿو. ھو نادر شاھ جي ڪاھ تي خاموش نه آھي:
متو آھين مڇ، ٿلھو ٿيو ٿونا ھڻين،
تو جا ڀائين اڇ، تنھن پاڻي پُنا ڏينھڙا.
’تاريخ ۾ درج آھي ته 1658ع ۾ اورنگزيب، پنھنجي پيءُ کي قيد ڪرائي، حڪومت جون واڳون سنڀاليون، سندس سرپرستي ۾ ڀاءُ دارا شڪوھ ۽ صوفي سرمد جي قتل جا پيرا پڌرا آھن. اھي واقعا لطيف جي دؤر جي ويجھڙ جا آھن. شاهه جي شعر ۾ منصور حلاج جو به ذڪر آهي، جنهن کي اناالحق اُچارڻ تي قتل ڪيو ويو، جنهن جي احتجاج ۾ هن “همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهين” لکيو هو.