شاهپور چاڪر (رپورٽ: ذوالفقار ڏاهري) شاهپور چاڪر ڀرسان ٿر جي علائقي اسلام ڪوٽ مان مزدوري لاءِ آيل 3 پورهيت عورتون تلاءَ ۾ پير ترڪڻ سبب ڪري پيو، هڪٻئي کي بچائيندي ٻڏي فوت، خبر موجب ڳوٺ مسو ڪيريو ۾ ڪپڙا ڌوئڻ دوران ٿر جي علائقي اسلام ڪوٽ مان مزدوري لاءِ آيل عورتون پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري پيون جيڪي ٻڏي فوت ٿي ويون مقامي ماڻهن موجب ٽئي عورتون تلاءَ تي ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون ته هڪ عورت پير ترڪڻ سبب تلاءَ ۾ ڪري پئي، جنهن کي ٻئي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽئين پڻ ٻنهي کي بچائيندي ٻڏي ويون، ٽنهي عورتن کي بيهوشي جي حالت ۾ تلاءَ مان ڪڍي فوري طور نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته ٻن عورتن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ عورت نوابشاهه اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، عورتن جي سڃاڻپ جيتي ڪولهي، ريشم ڪولهي ۽ ڪنجو ڪولهي طور ٿي، ٽئي عورتون ٿر جي علائقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ احمد شاهه سان تعلق رکندڙ هيون ۽ ڪڻڪ جي ڪٽائي جي سلسلي ۾ مزدوري لاءِ هتي آيل هيون، واقعي بعد ڳوٺ ۾ سوڳ واري فضا ڇانئجي وئي، ٽنهي عورتن جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.