شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر ڀرسان سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت اوطاق ۾ نامهلوم هٿياربندن هٿان قتل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ رمضان سيال ۾ اوطاق تي ستل بٺي جي پورهيت نوجوان کي خان زمان پٺاڻ کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت خان زمان پٺاڻ ولد ديوان پٺاڻ ڳوٺ جي معزز بادشاهه خان پٺاڻ جي اوطاق تي ستل هو ته نامعلوم هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سرن جي بٺي مالڪ بادشاهه خان پٺاڻ موجب نوجوان اسان جي برادري جو هو، اوطاق تي ستل هو ته نامعلوم ماڻهن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، اسان کي صبح جو خبر پئي، اطلاع تي شاهپورچاڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي، گهر ڀاتين کان تفصيل ورتا پيا وڃن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.