شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپور چاڪر ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، 2 سئوٽ نينگر چيڀاٽجي فوت، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب مقصودو رند لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ڳوٺ ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ نواب عمراڻي واسي 9 ورهين جو نينگر نويد عمراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس سئوٽ 15 ورهين جو اشفاق عمراڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشال اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، حادثي بعد ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ٽريڪٽر ٽرالي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي پاسي فوتي نينگرن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.