شاهپور چاڪر/شھدادپور (نمائندن وٽان) اسڪولي شاگردياڻين کي مبينا طور جنسي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار استاد 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، اسڪولي شاگرياڻين ۾ خوف، اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو، خبر موجب شاهپورچاڪر ۾ معصوم شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ فحش حرڪتون ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار استاد خالد ملاح کي پوليس رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جاچ آفيسر عدالت کي جوابدار کان جاچ جي سلسلي ۾ 14 ڏينهن رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت 3 ڏينهن جسماني رمانڊ منظور ڪندي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت پاران جوابدار کي ٻيهر 14 ڊسمبر تي اڳڀرائي رپورٽ سميت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڄاڻايل استاد خلاف 8 ورهين جي شاگردياڻي جي والد ولي محمد سيال جي فرياد تي شاهپورچاڪر ٿاڻي تي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي هئي، ٻئي پاسي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر نصير جوڳي پاران جوڙيل ٽه رڪني ڪاميٽي کي اڄ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي پر استاد جي گرفتاري سبب انڪوائري اڳتي وڌي نه سگهي آهي، ذريعن موجب فحش حرڪتون ڪرڻ واري واقعي بعد اسڪولي شاگردياڻين ۾ خوف هراس ڇانيل آهي، جن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي.