شاهپور جهانيان(ن پ ا) شاهپور جهانيان ڀرسان ٻگهيا برادري ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار جو نبيرو حزب الله ٻگهيو جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي مشيرن سرواڻ ٻگھيو ۽ بابل ٻگهيو شرڪت ڪئي، ٻنهي ڌرين جا موقف ٻڌڻ بعد فتويٰ جاري ڪندي سرواڻ ٻگهيو ڌر مٿان 54 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ناري آمنا کي اغوا ڪرڻ تي بابل خان ٻگھيو تي 10 لک رپيا ڏنڊ پيو، فيصلي موجب ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي تڏي تي وڃي معافي وٺنديون ۽ داخل ڪيس واپس وٺنديون، ناري جنهن حاجن جي پٽ سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، پنهنجي مڙس حوالي رهندي، ٻنهي ڌرين فيصلي کي قبول ڪندي تڪرار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.