شاهپورچاڪر (رپورٽ: ذوالفقار ڏاهري) شاهپورچاڪر ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن قتل، سندس ڀاڻيجو مرڻينگ، ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان ٿيو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، خبر موجب شهر جي مين بس اسٽاپ تي ڪامل شاهه ڪالوني ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ٻٽ ٻڌل هٿياربندن فائرنگ ڪري شهر کان گهر موٽندڙ  68 ورهين جي پيرسن لقمان ڏاهري ۽ سندس 16 ورهين جو ڀاڻيجو زاهد ڏاهري کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، زخمين کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيو پئي  ويو ته پيرسن لقمان ڏاهري زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته زخمي نينگر کي اسپتال نيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول پيرسن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.