شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر ٻرهون روڊ تي ڳوٺ زبير پٺاڻ مان برسات ۽ سم نالي کي لڳل گهاري جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي منور پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ايترو عرصو گذرڻ باوجود ڪير به اسان کان پڇڻ نه پهتو آهي، هنن چيو ته اسان جا ٻچا دربدر آهن، هڪ مهيني کان عورتون ٻارڙا وٺي جمڙائو ڪئنال جي ڪناري تي ويٺل آهيون، جتي مڇرن جي آزار سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.