شاهپورچاڪر (رپورٽ: ذوالفقار ڏاهري) شاهپورچاڪر پوليس سگريٽ کپائيندڙ واپاري مظفر قريشي، امجد قريشي، سندس ڀائرن منور قريشي، انور قريشي سميت سندس برادري جي عزيزن سميت 14 سڃاتل ۽ 40 کان 50 نامعلوم ماڻهن خلاف چرس کپائيندڙ اسلم ڄاريڪو نالي شخص کي پوليس کان زبردستي فرار ڪرائڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان گشت ڪري رهيا هياسين ته باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو ته گوشت مارڪيٽ ۾ اسلم ڄاريڪو نالي شخص چرس کپائي پيو، اسان اتي پهچي کيس چرس سميت گرفتار ڪيو ته ان کي مظفر قريشي، امجد قريشي، انور قريشي سميت 14سڃاتل ۽ 40 کان 50 نامعلوم ماڻهن پوليس حراست مان فرار ڪرائي ڇڏيو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن گوشت مارڪيٽ واري علائقي ۾ سگريٽن جي ايجنسي جي مالڪ مظفر قريشي جي گهر ۽ گدام تي ڪسٽم اهلڪارن ۽ پوليس جي ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ اسمگل ٿيل نان ڪسٽم پيڊ سگريٽ هٿ ڪيا ويا هيا ۽ پوري ڊاٽسن سگريٽ جي ڪارٽونن سان لوڊ ڪري اهلڪار وڃي رهيا هئا ته مڇريل ماڻهن مزاحمت ڪري گاڏي هنن کان زبردستي ڇڏائي ورتي هئي، جڏهن ته ڪسٽم اهلڪارن کي يرغمال ڪري پوليس اسٽيشن تي وٺي پوليس حوالي ڪيو ويو هو.