شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر ۾ روڊ حادثو، نينگري فوت، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي، ان ڏس ۾   شاهپورچاڪر گرڊ اسٽيشن سامهون سرن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 8 ورهين جي نينگري ارم ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته نوجوان گل محمد مڱڻهار، سندس ڀاڄائي ناهيده مڱڻهار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.