شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپور لڳ قتل ٿيل رمضان ٽالپر جي ڪيس ۾ وڌيڪ 2 جوابدار گرفتار. شاهپورچاڪر پوليس دعويٰ ڪندي چيو آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدار  اقبال ولد خان محمد ٽالپر ۽ خالد ولد رب رکيو ٽالپر کي گرفتار ڪري وٽانئن  قتل ۾ استعال ٿيندڙ پسٽل هٿ ڪري ورتا آهن. جڏھن ته ساڳئي ڪيس ۾ 2 جوابدار سرور ولد رب رکيو ٽالپر، گل حسن عرف لالو ولد حيدرخش ٽالپر پهريان ئي گرفتار ٿيل آهن، واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان 26 ورهين جي رمضان ولد متارو ٽالپر کي سانگهڙ نوابشاهه روڊ تي شاهپورچاڪر ڀرسان گرڊ اسٽيشن وٽ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.