ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد سان گڏيل ملڪيت جو تڪرار عدالت پهچي ويو، عدالت پاران درخواستگذار کي ملڪيت جا دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واپاري ڪرم علي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جرڳي ۾ طئه ڪيو ويو ته ملڪيت درخواست گذار جي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس پهچي جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ شاهي سيد جي ماڻهن پهچي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت هاڻي جرڳي جي فيصلي تي عمل ڪرائي؟ اسان جا پنهنجا ئي ڪيترا ئي ڪيس آهن، جرڳن وارن ڪيسن کي ڪيئن ڏسون؟ ٻڌڻي دوران درخواست گذار چيو ته اسان چاهيون ٿا ته شاهي سيد واري ڌر کي ڪاررواين کان روڪيو وڃي، عدالت چيو ته توهان ملڪيت جا ڪاغذ کڻي اچو، پوءِ ڏسنداسين، عدالت درخواستگذار کي ملڪيت جا دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،