اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانوني واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آئين کي مٿانهون رکڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪيسز نٿا ٻڌي سگهن ٿا گهر هليا وڃن. هي شاهي درٻار نه پر آئيني عدالت آهي. هاءِ ڪورٽ کان وڪيل ڪمپليڪس جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيلن جي احتجاج تي دهشگردي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کي غير مناسب قرار ڏيندي چيو ته اهڙو قدم ته پرويز مشرف جي دور ۾ به ڏسڻ ۾ نه مليو. هن چيو ته ايف آءِ آر غلط داخل ٿيڻ ۽ ان بعد ڪوڙن ڪيسن مان بري ٿيڻ وارو عمل اسان جي نظام جو هڪ سنگين مسئلو آهي، ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کان وڌيڪ مشڪل هڪ ڪوڙي ڪيس مان جان ڇڏائڻ آهي، اسان ڪوڙن ڪيسن جي خاتمي جي لاءِ هڪ موثر مڪينزم تيار ڪيو آهي ۽ اهڙو قانون ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪو نسلن لاءِ ڪم اچي. قانون واري وزير واضع ڪيو ته هنن ڪڏهن به ڪنهن بار ڪونسل کان بيڪ ڊور حمايت حاصل ناهي ڪئي ۽ حڪومت کي ڪنهن بار ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت ۽ وڪيلن وچ ۾ جيڪو معاهدو ٿيو آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جو دوکو نه هوندو. اعظم نذير تارڙ ججز جي روٽيشن پاليسي مطالبي جي حمايت ڪندي وفاقي وزير چيو ته هو ان موقف سان گڏ آهي. هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم جي سڀ کان خوبصورت ڳالهه عدليه جو احتساب آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچستان ۽ سنڌ مان ججز اچڻ سان عدالت جي فضا ۾ وڌيڪ رنگيني آئي آهي. قانون واري وزير اميد ظاهر ڪئي ته انشاءَ الله ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سٺيون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون.