لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جي فاسٽ بالرن شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي 19 هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف بالنگ ڪندي ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ هڪ اهم سنگ ميل پار ڪيو. شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف ٻئي ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون 300 وڪيٽون مڪمل ڪري چڪا آهن. شاهين آفريدي پنهنجي ڪيريئر جي 216 هين ميچ ۾ 300 وڪيٽون مڪمل ڪيون ۽ حارث رئوف 228 هين ميچ ۾ مڪمل ڪيون. ان کان اڳ، محمد عامر ۽ وهاب رياض گڏيل طور تي اهو اعزاز حاصل ڪيو هو. وهاب رياض ۽ محمد عامر 256 اننگز ۾ اهو سنگ ميل حاصل ڪيو. شاهين آفريدي ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ 300 وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو چوٿون تيز ترين بالر پڻ آهي.