لاهور(اسپورٽ نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ناٺي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي ڪپتان بڻائڻ واري خواهش بابت افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي. خانگي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ شاهد آفريدي کان ميزبان سوال ڪيوته چيو پيو وڃي اوهان شاهين لاءِ لابنگ ڪري رهيا آهيو ته کيس ڪپتان بڻايو وڃي. جنهن تي شاهد آفريدي وڏو ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنو ته منهنجو ڪرڪيٽ بورڊ سان پري پري تائين ڪو واسطو نه آهي، اوهان کي خبر آهي ته مان شاهين کي پي ايس ايل ۾ لاهور جي ڪپتاني ڪرڻ کان روڪيو هو هي ته مُلڪ جي ڪپتاني  جو معاملو آهي. شاهد آفريدي چيو ته منهنجي خيال ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هو بلڪل صحيح ۽ سٺو آهي، شاداب سينيئر ۽ وڏي عرصي کان نائب ڪپتان آهي، انڪري مان کيس ڪپتان بڻائڻ واري فيصلي تي خوش آهيان.